اسلام ??باد-02 سيپٽمبر (اي ??ي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي زرداري هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جي تازي لهر ۽ برساتن کانپوءِ ٻوڏ ج?? صورتحال ۽ ان تي ضابطو آڻڻ جي قدمن بابت آگاهه ڪيو. سومر ڏينهن ??ي پي پي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير سرفراز بگٽي بلوچستان جي سياس?? صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وڏي وزير بلوچستان ۾ دهشتگردي جي تازي لهر ۽ ان ضابطو آڻڻ جي قدمن بابت بريفنگ ڏني. هن بلوچستان ۾ برساتن کانپوءِ جي ٻوڏ ج?? صورتحال ۽ ان تي ضابطو آڻڻ جي قدمن بابت به آگاهه ڪيو. جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري سان ??ي پي ??ي پي جي سيڪريٽري جنرل نئير حسين بخاري، پ پ پ جي انساني حقن بابت ڪميٽي جي صدر فرحت الله بابر ۽ پ پ پ پ سينٽرل پنجاب جي صدر راجا پرويز اشرف زرداري هائوس ۾ ملاقات ڪئي، مُلاقات ?? سياسي ۽ تنظيم?? صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ اڳوڻي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو کي پنجاب جي سياسي ۽ تنظيم?? صورتحال تي بريفنگ ڏني.