اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري رحيم يار خان ۾ پوليس قافلي تي ڪچي جي ڌاڙيلن جي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي حملي ۾ شه??د ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي پو??ئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڪچي جي علائقي ۾ ڏوهاري ماڻهن جي خلاف سخت ڪارروائي جي ضرورت تي زور ڏن??. ه?? چيو ته پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملا برداشت نه ڪيا ويندا. صدر واقعي ۾ شه??د ٿيندڙ پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪي??. ه?? شه??د پوليس اهلڪارن جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي.