حيدرآباد-21 آگسٽ (اي پي پي) حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح جي 281 هين عرس مبارڪ جي ٽن ڏينهن واري تقريبن جي ٻئي ڏينهن سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ڀٽ شاهه در??اه?? تي گلن جي چادر چاڙهي دعا ۽ فاتح خواني ڪئي، ان موقعي تي ساڻس ثقافت وارو صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه ساڻس گڏ هو. در??اه?? تي حاضري ڀرڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيند?? ۽ ??دبي ڪانفرنس کي خطاب ??ند?? سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي شاعري ۾ جيڪو فلسفو آهي اڄ جي دور ۾ ان فلسفي کي هٿي ڏيڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. شاهه سائين جي فلسفي ۾ امن، ڀائيچار?? ۽ ??واداري جو درس مل?? ٿو.
سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ايڇ ٽي سورلي هال ۾ لطيف ادبي ڪانفرنس ۾ خاص مهمان طور خطاب ??ند?? چيو ته ناانصافيين ۽ ڏاڍ جي ان دور ۾ شاهه لطيف رح جو پيغام ظلم اڳيان نه جهڪڻ ۽ حق جو ساٿ ڏيڻ آهي. امن، محبت، عورتن جا حق شاهه لطيف ڀٽائي جي شاعري جو فلسفو آهي. هن چيو ته سنڌ جي شاعرن هميشه بيدار رهڻ ۽ امن جي ڳالهه ڪئي آهي، شاهه جو رسالو جيڪو امن ۽ محبت جو منشور آهي دنيا کي هن وقت لطيف سائين جي ان فلسفي ۽ فڪر جي ضرورت آهي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته مون به غريبن کي نوڪريون ڏيڻ جي ڏوهه ۾ 9 سال جيل ڪاٽ?? ۽ ??سانجي قيادت کي پڻ جيلن ۾ قيد ڪيو ويو. هن چيو ته سمورا ادارا خود مختيار آهن. ان موقعي تي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي ادبي ڪانفرنس کي خطاب ??ند?? چيو ته پوري ملڪ ۾ شاهه لطيف جي شاعري، فلسفي ۽ پيغام کي ڦهلايو وڃي ته جيئن نوجوان ان مان لاڀ حاصل ڪري سگهن. هن سينيٽ چيئرمين کي گذارش ڪئي ته هو چئني صوبن جي گورنرن کي خط موڪلي ته يونيورسٽين ۾ شاهه جو رسالو رکيو وڃي ته جيئن نوجوان مطالعو ڪري سگهن. صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه، نامور اديب اياز لطيف پليجو، مدد علي سنڌي، تاج جويو ۽ ٻين محققن شاهه سائين جي فن، فڪر ۽ فلسفي تي تحقيقي مقالا پيش ڪيا.
ان کان اڳ سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني در??اه?? حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح جي احاطي ۾ شاهه جو راڳ پڻ ٻڌو.