اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي و??ير راڻا تنوير حسين س??ن پاڪستان ۾ آمريڪا جي سفير ڊونلڊ ??لوم ملاقات ڪئي آهي، جنهن دوران ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. صنعت ۽ پيداوار واري و??ارت طرفان جاري بيان موجب وفاقي و??ير چيو ته پاڪستان آمريڪا سان حصيداري کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ريسرچ اينڊ انڊوومينٽ فنڊ ۾ زرعي يو??يورسٽي لاءِ آمريڪا جي تعاون کي ساراهيون ٿا. آمريڪا سان زرعي تعاون کي مضبوط بڻائڻ چاهيون ٿا، پيداوار وڌائڻ لاءِ زرعي ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي ضرورت آهي. راڻا تنوير حسين چيو ته پاڪستان جي نئين زرعي مصنوعات کي آمريڪي مارڪيٽ تائين پهچ ڏني وڃي، ڊونلڊ ??لوم چيو ته پاڪستان ۾ سماجي ۽ زرعي شعبي ۾ تعاون جاري رکنداسين، پاڪستان ۾ يو??يسيف سان گڏجي غذائي کوٽ پروگرام تي ڪم ڪري رهيا آهيون. پاڪستان سان زرعي شعبي ۾ تعاون وڌايو ويندو، آمريڪا زراعت تي موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي مدد ڪندو.