اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ??وداحتسابي هر اداري کي اختيار ڪرڻ گهرجي، احتساب طرف وڌندي ملڪ ۾ انتشار کي روڪيو پيو وڃي، انتشاري ٽولي جي رنگ ليڊر عمران خان ذاتي مفا??ن جي لاءِ ملڪ کي نقصان پهچايو، ان جي ڪا به معافي نه هجڻ گهرجي. صحافين س??ن ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي معاشي ۽ سياسي استحڪام جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته وزيراعظم جلد قوم کي خطاب ۾ اڳتي جي حڪمت عملي کان آگاهه ڪندو، عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ سمورا ممڪن قدم کنيا ويندا. هن چيو ته وزيراعظم آزادي جي ڏهاڙي جي مرڪزي تقريب ۾ خطاب دوران عوام کي بجلي جي بلن ۾ ريليف ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي. هن چيو ته وزيراعظم تمام جلد قوم کي خطاب ڪندي اقتصادي پلان جو اعلان ڪندو ۽ ايندڙ 5 سالن جو معاشي منصوبو قوم آڏو رکندو. هن ٻڌايو ته ??ازو ئي هڪ اداري خوداحتسابي کي فروغ ڏيندي احتساب جو عمل شروع ڪيو جيڪو خوش آئنده آهي. هن چيو ته ??حتساب طرف وڌندي ملڪ ۾ انتشار کي روڪيو پيو وڃي. خوداحتسابي هر اداري کي اختيار ڪرڻ گهرجي، فوج پاران احتساب جي شروعات تمام سٺو عمل آهي. هن چيو ته ??ءِ ايس پي آر جي پريس ريليز مان ثابت ٿئي ٿو ته ??نرل فيض حميد کان جاچ جي نتيجي ۾ ٽن آفيسرن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. هن چيو ته هڪ سياسي پارٽي جي ليڊر جي چوڻ تي ملڪ ۾ انتشار ۽ بدامني ڦهلائي پئي وئي. عمران خان جي چوڻ تي سازشون ڪيون پئي ويون، ملڪ کي غيرمستحڪم ڪيو پئي ويو، عدم اعتماد جي رٿ جي وقت به فيض حميد ۽ سندس ساٿي عمران خان س??ن رابطي ۾ هئا ۽ سياسي جوڙ ٽوڙ ۾ ڀرپور حصو وٺي رهيا هئا. وفاقي وزير چيو ته ملڪي سلامتي داءُ تي لڳائڻ جي ڪنهن کي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، فيض حميد جي گرفتاري کانپوءِ جن ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ائين لڳي ٿو ته وڌيڪ گرفتاريون پڻ عمل ۾ آنديون وينديون ۽ ان جو دائرو رڳو فوج جي اداري تائين نه رهندو، ان ۾ جيڪو به ملوث هوندو، قانون جي پڪڙ ۾ ايندو. هن چيو ته لڳي ٿو ته ??اني چيئرمين پي ٽي آءِ جا جيل مان به رابطا هئا، هاڻي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ??ن کان پاسو ڪيو وڃي ته ??ئين ان کان پري نه ٿو ڪري سگهجي. وڌيڪ ثبوت سامهون اچي رهيا آهن، 9 مئي جي حملي، آءِ ايم ايف کي خط لکڻ اهي سمورا ملڪ دشمن قدم ۽ ملڪ کي غيرمستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش هئي. هن چيو ته ??نهن ماڻهن انتشاري ٽولي سان گڏجي ملڪ کي نقصان پهچايو، عمران خان جيل مان رابطن جي ذريعي ملڪ کي غيرمستحڪم ڪري رهيو آهي، هاڻي ائين نه هلندو، ان عمل ۾ ڪنهن س??ن ڪا رعايت نه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ??نشاءَ الله ملڪ ترقي ڪندو، معيشت مستحڪم ٿيندي، اسان بحالي جي سفر تي هلي پيا آهيون، رپيو مستحڪم ٿيو آهي، سٺيون خبرون اچي رهيون آهن، پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون به گهٽ ٿيون آهن، اسان جي ڪوشش هوندي ته ??جلي جي قيمتن ۾ به گهٽتائي ٿئي. هن چيو ته ??نتشاري ٽولي جو احتساب ضروري آهي، جيئن جيئن جاچ وڌندي وڌيڪ ماڻهن جا نالا سامهون ايندا. هن چيو ته ??نتشار ٽولي جي رنگ ليڊر عمران خان مفا??ن جي لاءِ ملڪ کي نقصان پهچايو ۽ ان جي ڪا معافي نه هجڻ گهرجي.