اسلام آباد – 16 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي و??ير سينيٽر محمد اسحاق ڊار عمان جي شهر مسقط ۾ امام بارگاهه تي بزدلاڻي دهشتگرد حملي جي پرزور مذم?? ڪئي آهي. سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ عمان جي شهر مسقط ۾ امام بارگاهه علي بن ابو طالب تي ٿيندڙ بزدلاڻي دهشتگرد حملي ۾ مارجي ويل پاڪستاني شهرين جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ دلي همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي و??ير چيو ته محرم جي مقدس مهيني ۾ مسلمانن تي ٿيندڙ ان بزدلاڻي حملي ۽ قتل جي پرزور مذمت ڪريون ٿا.