آستانه – 03 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف ڊمه ڊوله، باجوڙ ۾ ڌماڪي ۾ اڳوڻي سينيٽر هدايت الله سميت ٽن ماڻهن جي مارجڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي واقعي جي ذميوارن جي جلد نشاندهي ڪري ان??ن کي سخت کان سخت سزا ڏيارڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مح??د شهباز شريف چيو ته دهشتگردي جي ان واقعي جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي، دهشتگرد عنصر ملڪ جي امن امان ۽ جمهوريت جا دشمن آهن. هن چيو ته دهشتگرد پاڪستاني قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن، دهشتگردي جي لعنت جو ملڪ مان خات??و ڪري سک جو ساهه کڻنداسين. وزيراعظم مارجي ويلن جي مغفرت ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.