اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئر پرسن سي??يٽر روبينه خالد بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران مستحق عورتن کي معاشي طور بااختيار بڻائڻ ۽ اسڪل ڊولپمينٽ ذريعي غر??ت جي خاتمي جي قدمن تي ڳالهيون ڪيون ويون. سي??يٽر روبينه خالد بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مستحقن کي غر??ت مان ڪڍڻ لاءِ فني مهارت جي فراهمي جي اهم ڪردار تي زور ڀريو. هن چيو ته عورتن کي مجموعي طور تي بااختيار بڻائڻ لاءِ معاشي بااختياري ضروري آهي، مالي خودمختياري عورتن جي آزادي ۽ ڪاميابي جي دليل آهي، مستحقن کي غر??ت مان ڪڍڻ اسان جي اولين ترجيح ??هي ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي. بحٿ ۾ اهم اڳڀرائي مان هڪ ٽه ماهي وظيفن جي ورهاست ۾ شفافيت کي وڌائڻ لاءِ ڊجيٽل نظام جي شروعات هئي. ان نظام جو مقصد ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ ??هي ته فائدو کڻندڙ صارفين پننهنجي ادائگيون فوري ۽ محفوظ طريقي سان حاصل ڪن. اهڙي طرح پروگرام جي مجموعي ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي. بل گيٽس بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي قدمن ۽ ڪارڪردگي کي ساراهيندي ان کي ضرورتمندن لاءِ هڪ بهترين فلاحي پروگرام قرار ڏنو. هن ان پروگرام لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت جو اظهار ڪندي غذائي کوٽ کي منهن ڏيڻ ۽ پٺتي پيل طبقن لاءِ غذائي تحفظ ۾ واڌ ڪرڻ ۾ ن??ايان اڳڀرائي جو اعتراف ڪيو. بل گيٽس چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام طرفان غذائيت جي گهٽتائي ۽ غذائي تحفظ جهڙن اهم مسئلن کي منهن ڏيڻ ۾ ن??ايان اڳڀرائي جي تعريف ڪيا?? ٿو. چيئر پرسن روبينه خالد بل گيٽس جي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي منصوبن ۾ مسلسل سهڪار تي شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته اسان بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي سهڪار لاءِ دل جي گهرائين سان شڪر ادا ڪيون ٿا، جيڪو اسان جي معاشري جي سڀ کان وڌيڪ مستحق طبقي کي بااختيار بڻائڻ جي اسان جي ڪوششن کي هٿي ڏئي ٿو.