اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? جي دوري دوران لاڀائتين بزنس ٽو بزنس ملاقاتن جي حوالي سان جامع پلان جوڙڻ ۽ چي??ي انڊسٽري کي پاڪستان ۾ صنعتون لڳائڻ جي ترغيب ڏيڻ جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چي?? آهي ته حڪومت چي??ي صنعتڪارن ۽ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ وزيراعظم جي چي?? جي دوري جي تيارين جي حوالي سان صبح 7 وڳي اهم جائزه اجلاس ۾ ڪيو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، اق??صا??ي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چي??ا، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، نجڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم جي خاص معاون طارق فاطمي، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، پلاننگ ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين جهانزيب خان ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال ۽ چي?? ۾ مقرر پاڪستان جو ??في?? اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ وزيراعظم هدايت ڪئي ته دوري دوران ٻنهي ملڪن جي لاڀائتين بزنس ٽو بزنس ملاقاتن جي حوالي سان جامع پلان جوڙيو وڃي. چي??ي انڊسٽري کي پاڪستان ۾ صنعتون لڳائڻ جي ترغيب ڏيڻ جي حوالي سان حڪمت عملي ٺاهي وڃي. وزيراعظم چي?? ته حڪومت چي??ي صنتعڪارن ۽ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي. وزيراعظم چي?? ۾ مقرر پاڪستان جي ??في?? کي پاڪستاني ڪاروباري وفد کي چي?? ۾ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت به ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي چي?? جي دوري جي تيارين بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان مان صنعتڪارن، سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن جو هڪ وفد به وزيراعظم سان گڏ چي?? جي شهر شين زن ويندو. اهو وفد چي??ي ڪاروباري برادري سان ملاقات ڪندو ۽ پاڪستان ۽ چي?? جي وچ ۾ بزنس ٽو بزنس لاڳاپن جي فروغ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪندو.