تهران – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? ايران جي مرحوم صد?? ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي، ايران جي مرحوم پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ سندن ساٿي جيڪي 19 مئي 2024ع تي هيليڪاپٽر جي افسوسناڪ حادثي ۾ شهيد ٿي ويا، انهن ??ي لاءِ منعقد يادگاري تقريب ۾ شرڪت ڪئي، وزيراعظم مرحوم ايراني صد?? جي ايراني عوام جي ترقي ۽ خوشحالي، پاڪ – ايران لاڳاپن جي فروغ ۽ خطي ??ي لاءِ خدمتن تي کيس شاندار خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب تقريب دوران وزيراعظم ان هال ۾ به ويو جتي مرحوم ايراني صد?? جو جسد خاڪي رکيو ويو هو. وزيراعظم مرحوم صد?? جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم مرحوم ايراني صد?? جي ايراني عوام جي ترقي ۽ خوشحالي، پاڪ – ايران لاڳاپن جي فروغ ۽ خطي ??ي لاءِ خدمتن تي کيس شاندار خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? ايران جي وقتي صد?? ڊاڪٽر محمد مخبر سان پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام کي اسلامي جمهوريه ايران جي صد?? ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ سندن ٻين ساٿين جي افسوسناڪ حادثي ۾ شهادت جي خبرسان شديد صدمو پهتو آهي، اسان ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ سوڳوار خاندانن ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته اسان جون سموريون همدرديون شهيدن جي گهرڀاتين ۽ ايراني عوام سان آهن. پوري پاڪستاني قوم مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ڀائر ملڪ ايران سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته مرحوم ايراني صد?? پاڪستان جو عظيم دوست هو. سندس گذريل مهيني پاڪستان جي دوري دوران پاڪستاني عوام سان گذاريل لمحا سدائين ياد رکيا ويندا. وزيراعظم ايران جي نگران صد?? ڊاڪٽر محمد مخبر ??ي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي گهرووزير سيد محسن نقوي، واپار وارو وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراع??م سان گڏ هئا.