اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان ترڪيه جي هٿياربند فوج جي ڪ??ان??ر سيلڪوڪ بيراڪتار اوغلو ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ دفاعي تعاون سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ملڪن پاڪستان ۽ ترڪيه جي گڏيل مفاد ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات ۾ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير پڻ موجود هو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ترڪيه سان پنهنجي لاڳاپن تي فخر ڪري ٿو، ترڪيه سدائين بنيادي معاملن تي پاڪستان جي حمايت ڪئي. صدر پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ڪيترن ئي منصوبن تي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. صدر پاڪستان ۽ ترڪيه جي عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ عوامي رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ترڪيه سان زراعت، تعليم، فن ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻو پوندو، صدر رجب طيب اردوان پاڪستان جو سچو ۽ مخلص دوست آهي، ترڪ صدر منهنجي چونڊ ۽ رمضان المبارڪ شروع ٿيڻ تي ٽيليفون ڪال ڪئي، ترڪ صدر جو ٻه ڀيرا ٽيليفونڪ رابطو ??اڪ – ترڪ لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي ان جي عزم جو اظهار آهي. ترڪ هٿياربند فوج جي ڪ??ان??ر پاڪستان سان دفاعي تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ٻئي ملڪ علائقا??ي امن ۽ استحڪام جي فروغ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. صدر ترڪ هٿياربند فوج جي ڪ??ان??ر کي نشان امتياز (ملٽري) ملڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ??اه?? ڪئي ته هو ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ دفاعي تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.