اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) اسلامي جمهوريه ??ير??ن جو صدر ڊاڪٽر سيد ابراه??م رئيس پاڪستان جي ٽن ڏينهن سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو. نور خان ايئربيس تي وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده ۽ ٻين عملدارن سندس شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي ٻارن روايتي انداز ۾ ??ير??ني صدر کي گلدستو پيش ڪيو. پنهنجي دوري دوران ??ير??ني صدر ابراه??م رئيسي صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف، سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان پڻ ملاقات ڪندو. صدر ابراه??م رئيسي جي پاڪستان جي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه جو دور پڻ ٿيندو. اڄ وزيراعظم هائوس اچڻ تي ??ير??ني صدر جي اعزاز ۾ گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويندو. ??ير??ني صدر ۽ وزيراعظم شهباز شريف وزيراعظم هائوس جي اڱڻ ۾ ڌرتيءَ جي ڏهاڙي جي مناسبت سان ٻوٽو لڳائيندا. ٻئي اڳواڻ ??ير??ن ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شريڪ ٿيندا. ٻئي اڳواڻ اسلام آباد جي هڪ شاهراهه کي ??ير??ن اوينيو جو نالو ڏيڻ جي تقريب ۾ شريڪ ٿيندا ۽ هڪ گڏيل پريس ٽاڪ پڻ ڪندا. وزيراعظم ??ير??ني صدر ۽ سندس وفد جي اعزاز ۾ مانجها??دو پڻ ڏيندو. ??ير??ني صدر لاهور ۽ ڪراچي پڻ وي??دو ۽ صوبائي قيادت سان ملاقات ڪندو. ڌرين وٽ پاڪ ??ير??ن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، واپار، رابطن، توانائي، زراعت ۽ عوام سان عوام جي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي وسيع ايجنڊا هوندي. اهي علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي ۽ دهشتگردي جي گڏيل خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٻطرفي تعاون تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندا. پاڪستان ۽ ??ير??ن جي وچ ۾ تاريخ، ثقافت ۽ مذهب سان ڳنڍيل مضبوط لاڳاپا آهن. هي دورو پاڪ ??ير??ن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو هڪ اهم موقعو فراهم ڪري ٿو.