اسلام آباد– 03 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير ملاقات ڪئي ۽ کيس پاڪستان جي صدر ۽ هٿياربند فوج جي ڪمانڊر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي. چيف آف آرمي اسٽاف صدر جي ڪامياب مدي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات دوران چيف آف آرمي اسٽاف صدر کي دهشتگردي جي خل??ف جاري فوجي آپريشنز کان آگاهه ڪيو. هن ملاقات ۾ روايتي خطرن جي خل??ف آپريشنل تيارين تي پڻ روشني ??ڌي. بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي علائقن سميت ترقياتي منصوبن ۾ فوج جي ڪردار بابت پڻ آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ صدر پاڪستان جي هٿياربند فوج جي مثالي ڪردار کي ساراهيو. صدر چيو ته رياست جي خدومختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ ۾ فوج جون خدمتون اهم حيثيت رکندڙ رهيون آهن. صدر متاثر علائقن جي سماجي ترقي جي لاءِ فوج جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو. صدر قومي ترقي طرف پاڪ فوج جي اڻٿڪ عزم کي پڻ اجاگر ڪيو. صدر دهشتگردي جي خل??ف پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر قومي طاقت جي سمورن عنصرن جي ذريعي دهشتگردي جو ڀرپور جواب ڏيڻ جي قومي عزم جو اظهار ڪيو. صدر جو هڪ مخصوص سياسي پارٽي ۽ ان جي ڪجهه ماڻهن پاران اداري ۽ ان جي قيادت جي خل??ف محدود سياسي مفاد حاصل ڪرڻ جي لاءِ هنيل بي بنياد ۽ بنا جواز الزامن تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو. صدر رڪاوٽ وجهندڙ عنصرن کي سختي سان منهن ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. صدر قو?? جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته شهيدن جو رت سدائين پاڪستاني ??و?? جي اس??قا??ت ۽ طاقت جي علامت رهندو. صدر شهيدن ۽ انهنجي خاندانن جي قربانين کي پڻ خراج تحسين پيش ڪيو. صدر شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جي عزت ۽ تڪري?? جي لاءِ قو?? جي پختي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ امن، سل??متي ۽ ترقي جا قدر برقرار رکڻ جي لاءِ يڪجهتي ۽ عزم جو پڻ اظهار ڪيو ويو.