اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت نجي ڪاروباري شعبي کي ملڪ جي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ روزگار جي فراهمي لاءِ سهولت فراهم ڪري رهي آهي، اميد آهي ايندڙ چونڊيل حڪومت پاليسين جي تسلسل سان ملڪ ۾ صنعتي ترقي ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي سان ماڻهن کي روزگار جا موقعا ۽ مجموعي معاشي ترقي جي ان ??فر کي جاري رکندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار سينيٽر نعمان وزير جي قيادت ۾ پاڪستان ??يسوسيئيشن آف لارج اسٽيل پروڊيوسرز جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ سينيٽر نعمان وزير، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر جميل احمد، ايف بي آر چيئرمين، لاڳاپيل وزارتن جا سيڪريٽريز ۽ پاڪستان ??يسوسيئيشن آف لارج اسٽيل پروڊيوسرز جا عهديدار ۽ خيبرپختونخواهه سان ??علق رکندڙ ٻين شعبن جا صنعتڪار پڻ موجود هئا. نگ??ان وزيراعظم چيو ته نگران ??ڪومت پنهنجي مختصر عرصي ۾ پاڪستان ??ي معيشت جي بحالي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا، حڪومت پنهنجي پاليسين جي ذريعي نجي ڪاروباري شعبي کي ملڪ جي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ روزگار جي فراهمي لاءِ سهولت فراهم ڪري رهي اهي، نگران ??ڪومت ڪاروبار جي لاءِ موزون ماحول، نجي شعبي کي ملڪي ترقي ۾ ڪردار جي لاءِ سهولت ۽ ٽيڪس آمدني ۾ اضافي جي لاءِ قدم کنيا، نگران ??ڪومت نجي شعبي جي سهولت ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت قدم کنيا جن جا مثبت نتيجا اچي رهيا آهن، اميد آهي ايندڙ چونڊيل حڪومت پاليسين جي تسلسل سان ملڪ ۾ صنعتي ترقي ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي سان ماڻهن کي روزگار جا موقعا ۽ مجموعي معاشي ترقي جي ان ??فر کي جاري رکندي. هن چيو ته ايف بي آر سڌارن جي لاءِ ناڻي واري نگ??ان وفاقي وزير، ايف بي آر چيئرمين ۽ سمورن لاڳاپيل عملدارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن پاڪستان ??و مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏنو، توهان ماڻهو اهڙا صنعتڪار آهيو جن مشڪل حالتن ۾ پاڪستان ۾ اعتماد کي بحال رکيو ۽ معيشت جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. نگ??ان وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي اسٽيل جي صنعت سان واڳيل سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته ايف بي آر سڌارن ۽ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل قائم ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان ۾ هي سيڙپڪاري جو بهترين موقعو آهي، پاڪستان ۾ اسٽيل جي صنعت سان واڳيل ڪمپنين کي ملڪ ۾ ڪچي لوهه جي نئين ذخيرن جي ترقي جي لاءِ سيڙپڪاري کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. ملاقات ۾ شرڪت ڪندڙن نگران ??ڪومت جي ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ سهولت، صنعتڪارن جي مسئلن جي حل، ايف بي آر ۾ سڌارن ۽ ملڪي معيشت جي بحالي جي لاءِ قدمن تي نگ??ان وزيراعظم ۽ نگ??ان وفاقي ڪابينا جي ميمبرن جي ڪوششن تي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ اسٽيل ۽ ٽامي جي وڏي پئماني جي صنعت جي حوالي سان ??فصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته اسٽيل ۽ ٽامي جو شعبو پاڪستان ???? چوٿون وڏو برآمدي شعبو آهي جنهن گذريل مالي سال ۾ رڳو ٽامي جي روانگي واپار جو ڪاٿو 1.35 ارب ڊالر رهيو، پاڪستان ۾ اسٽيل جي سالياني في ڪس کپت 40 ڪلوگرام آهي جنهن مان ??اهر ٿئي ٿو ته ان ??عبي ۾ ترقي جي وسيع صلاحيت موجود آهي، پاڪستان ??ي اسٽيل صنعت مان ٽيڪس جو ساليانو ڪاٿو 400 ارب رپيا آهي. شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته ٽامي جي صنعت سان ملڪ ۾ هزارن جي انگ ۾ روزگار جا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن. شرڪت ڪندڙن نگران ??ڪومت جي اسٽيل جي اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ قدمن کي پڻ ساراهيو جن سان ملڪ جي صنعت کي ڀرپور فائدو پهتو. ملاقات ۾ اسٽيل جي صنعت جي مسئلن ۽ انهن جي حل جي لاءِ تجويزون پڻ پيش ڪيون ويون. نگ??ان وزيراعظم ايف بي آر ۽ لاڳاپيل وزارتن کي انهن تجويزن تي غور ڪري انهن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪئي.