اسلام آباد – 19 – جنوري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ا??ران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ گڏيل اعتماد ۽ تعاون جي جذبي جي بن??اد تي ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ ??ير??ن جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪندي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني گڏيل اعتماد ۽ تعاون جي جذبي جي بن??اد تي ا??ران سان گڏ ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. نگران پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته علائقائي سالميت ۽ خودمختياري جي احترام جي ا?? تعاون کي سگهه ڏيڻ گهرجي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته دهشتگردي جي خاتمي ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين رخن تي ورڪنگ ليول جي تعاون ۽ ويجهي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ گهرجي. هنن ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي سفيرن جي پنهنجي پنهنجي گادي وارن شهرن ۾ واپسي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.