اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته آءِ ٽي جي شعبي جو ملڪي م??اشي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت آءِ ٽي کي ملڪ جي ترجيحي شعبن ۾ شامل ڪيو ويو آهي، اسان دنيا جي 190 ملڪن کي آءِ ٽي جون خدمتون فراهم ڪري رهيا آهيون، پاڪستان فري لانسنگ جي لاءِ ٽيون سڀ کان وڏو مقبول ملڪ بڻجي چڪو آهي، ملڪ جي ننڍن شهرن ۾ وڌيڪ 40 سافٽ ويئر ٽيڪنالاجي پارڪس قائم ڪيا ويندا، ملڪي ترقي ۾ آءِ ٽي جو شعبو اهم ڪردار ادا ڪندو. هو ڪنوينشن سينٽر ۾ ٽيڪ ڊسٽينيشن پاڪستان جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. نگ??ان وزيراعظم چيو ته اڄ جو دور جديد ٽيڪنالاجي جي ترقي جو دور آهي، ٽيڪنالاجي جا اسان جي زندگي جي سمورن رخن تي اثر پيا آهن، مصنوعي ذهانت سميت ٽيڪنالاجي جا جديد ذريعا هاڻي هڪ بنيادي ضرورت بڻجي چڪا آهن جن جي ڪري سماجي ۽ معاشي فائدا حاصل ٿي رهيا آهن ۽ قومن جي ترقي ۾ پڻ انهن جو وڏو اهم ڪردار آهي. نگ??ان وزيراعظم چيو ته پائيدار اقتصادي ترقي ۽ ٽيڪنالاجي جي فروغ جي حقيقي صلاحيت مان فائدو کڻڻ جي لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي جو شعبو اسان جي ڌيان جو محور آهي ۽ اسان ٽيڪ ڊسٽينيشن جي آئيڊيا کي فروغ ڏيڻ جي لا??ِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، تازن سالن ۾ پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مواصلات جي شعبن نمايان ترقي ڪئي آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي انڊسٽري م??يشت جي بهتري، روزگار جا موقعا وڌائڻ ۽ سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان دنيا جي 190 ملڪن کي آءِ ٽي جون خدمتون فراهم ڪري رهيو آهي، آءِ ٽي جي شعبي جي جديد دور ۾ تمام گهڻي اهميت آهي ۽ اهو شعبو جديديت، ٽيلينٽ جي دستيابي، حڪومتي سهولتن ۽ ٻين قدمن جي ڪري ناليج اڪانومي جو هڪ لازمي حصو آهي. نگ??ان وزيراعظم چيو ته 90 سيڪڙو کان وڌيڪ ٽيلي ڊينسٽي س??ن آءِ ٽي ۽ آءِ ٽي سان لاڳاپيل خدمتن جي آف شور آئوٽ سورسنگ جي ڪري تازو ئي پاڪستان کي م??لياتي طور تي دنيا ۾ ٻيو وڏو پرڪشش ملڪ قرار ڏنو ويو آهي، ان کانسواءِ پاڪستان فري لانسنگ جي لاءِ ٽيون سڀ کان وڏو مقبول ملڪ بڻجي چڪو آهي. نگ??ان وزيراعظم چيو ته حڪومت پائيدار ترقي جي لاءِ آءِ ٽي جي شعبي تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، پاڪستان ملڪي، علائقائي ۽ عالمي سطح تي آءِ ٽي انڊسٽري جي فروغ جي لاءِ تعاون جي لا??ِ ڪوششون ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان جي ٽيڪ ڊسٽينيشن جي طور تي ڪردار سان ڊيجيٽل اڪانومي ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جو شعبو وڌيڪ ترقي ڪندو. نگ??ان وزيراعظم چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ۽ ان جي م??تلف ڪميٽين فعال انداز ۾ پنهنجو ڪم جاري رکيو آهي، ايس آئي ايف سي تحت ٻين ترجيحي شعبن سان گڏ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي جي شموليت آءِ سي ٽي انڊسٽري جي ترقي جي لاءِ اسان جي حڪومت جي عزم جو عڪاس آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي جي ترقي سان وڏا ثمر حاصل ٿيندا، ان سان روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، روينيو وڌندو، روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو ۽ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌندا، ڊيجيٽل معيشت ۾ آءِ ٽي جو ڪردار انتهائي اهم آهي. نگ??ان وزيراعظم چيو ته حڪومت ڊيجيٽل پاليسي جي ذريعي اقتصادي خوشحالي ۽ عوام کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان سافٽ ويئر ايڪسپورٽ بورڊ سافٽ ويئر ٽيڪنالاجي پارڪس جي انگ ۾ اضافو ڪيو آهي ۽ ان جو انگ هاڻي وڌي 30 تائين پهچي ويو آهي. ان کانسواءِ ملڪ جي ننڍن شهرن ۾ وڌيڪ 40 سافٽ ويئر ٽيڪنالاجي پارڪس قائم ڪيا ويندا ۽ مختلف ڍانچاجاتي قدمن جي ذريعي ڊيجيٽل پاڪستان جي ويزن تي عمل ڪندي آءِ ٽي جي شعبي جي لاءِ هر قسم جو سازگار ماحول فراهم ڪيو ويندو جنهن ۾ وسيع البنياد قانونسازي، ريگيوليٽري ۽ آپريشنل قدم شامل آهن، مصنوعي ذهانت سان تعليم، ٽرانسپورٽ، ماليات، صحت سميت مختلف شعبن ۽ انڊسٽري ۾ انقلاب آڻي سگهجي ٿو، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت مصنوعي ذهانت بابت قومي پاليسي جو مسودو تيار ڪيو آهي جيڪو ساراهه جوڳو قدم آهي، حڪومت آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي جي لاءِ سڄي دنيا م??ن آءِ ٽي جي م??هرن جون خدمتون هاصل ڪرڻ تي پڻ ڌيان ڏنو آهي. نگ??ان وزيراعظم چيو ته گذريل 5 مهينن دوران پاڪستان انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام جي شعبن جي ترقي جي لا??ِ ڪيترائي سنگ ميل عبور ڪيا آهن جن ۾ 10 هزار اي روزگار مرڪزن جو قيام، پاڪستان اسٽارٽ اپس فنڊ، ڊيجيٽل اڪانومي جي فروغ جي منصوبي جي منظوري، ٽيلي ڪام اپيلٽ ٽربيونلز جو قيام ۽ نيشنل اسپيس پاليسي جهڙا قدم شامل آهن. نگ??ان وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجي نوجوانن کي بااختيار بڻائي رهيا آهيون، علم تي ٻڌل معيشت جي لاءِ حڪومت خصوصي قدم کڻي رهي آهي، فري لانسرز جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان اسٽارٽ اپس فنڊ قائم ڪرڻ جي نتيجي ۾ عورتن ۽ فري لانسرز جي موثر شرڪت حوصلي جوڳي آهي، پاڪستان جو آءِ ٽي جو شعبو بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ شعبو آهي، انساني وسيلن جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي، حڪومت آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي جي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي.