ڪراچي – 02 – جنوري (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته زينب الرٽ ايڪٽ تي موثر عملدرآمد، واحد ٺوس هيلپ لائين ۽ گم ٿيل ٻارن جي ج??د بازيابي ج?? لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ ڌرين جي وچ ۾ ويجهي هم آهنگي ج?? ضرورت آهي، عوامي شڪايتون حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ عالمگير هيلپ لائين ۽ هڪ پليٽ فارم جي ذريعي گڏيل ۽ ٺوس ڪوششن جي نتيجي ۾ وڌيڪ موثر ۽ وقت سر نتيجا نڪرندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن روشني هيلپ لائين جيڪا هڪ غيرسرڪاري تنظيم آهي ج?? دوري ج?? موقعي تي ڪيو. هن چيو ته عوامي ۽ نجي شعبي ۾ ڪيتريون ئي تنظيمون آهن جيڪي شهرين کي ان ڏس ۾ ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ جدا جدا ڪم ڪري رهيون آهن ۽ انهن و?? شڪايتون وصول ڪرڻ جي لاءِ مختلف هيلپ لائينز آهن جڏهن ته اهو شهرين کي الجهن ۾ وجهي سگهي ٿو ته اهڙي صورتحال ۾ ڪنهن سان رابطو ڪيو وڃي. بيگم ثمينه علوي تجويز ڏني ته عوامي شڪايتن ۽ هنگامي امداد جي لاءِ ڪالز وصول ڪرڻ جي لاءِ هڪ واحد ۽ ٺوس هيلپ لائين هجڻ گهرجي ۽ مختلف ڊومينز ۾ ڪم ڪندڙ سمورا ادارا هڪ ڇت جي هيٺ ڪم ڪن ته جيئن شهري هيلپ لائين تائين آساني سان پهچ حاصل ڪري سگهن ۽ فوري ۽ موثر ڪارروائي جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ لاڳاپيل اداري معاملي کي ريفر ڪري سگهجي. روشني هيلپ لائين جي باني محمد علي ۽ بورڊ جي ٻين ميمبرن خاتون اول ??ي ٻارن جي تحفظ خاص طور تي گم ٿيل ٻارن جي بازيابي ج?? لاءِ تنظيم جي ويزن، ڪارڪ??دگ?? ۽ قدمن بابت آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته روشني هيلپ لائين انساني حقن واري وزارت، سنڌ پوليس، صوبائي ٻارن جي تحفظ جي ادارن، پاڪستان ريلويز، اسلامي نظرياتي ڪائونسل ۽ ڪيترن ئي ٻين سرڪاري ۽ غيرسرڪاري تنظيمن سان رابطو رکي ٿي. هن ٻڌايو ته روشني هيلپ لائين 20 هزار کان وڌيڪ خاندانن جي مدد ڪئي آهي ۽ پنهنجي قائم ٿيڻ کان و??ي هيستائين 9 هزار کان وڌيڪ گم ٿيل ٻارن جي بازيابي ۾ مدد ڪئي آهي جڏهن ته آگاهي ۽ پهچ کي وڌائڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن. بيگم ثمينه عارف علوي گم ٿيل ٻارن جي بازيابي ج?? لاءِ روشني هيلپ لائين جي ڪوششن ۽ خدمتن کي ساراهيو. بعد ۾ روشني ٽيم خاتون اول کي سووينيئر شيلڊ ۽ پنهنجي ڪارڪ??دگ?? جي رپورٽ پيش ڪئي.