ڪراچي – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دنيا ۾ ڪاميابي جي لاءِ پاڻڀرائپ کي لازمي قرار ڏيندي ان اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ته پاڪستان ترقي ڪندو ڇو ته پاڪستان ۾ باصلاحيت افرادي قوت جي ڪا کوٽ نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بحريه آڊيٽوريم ۾ پاڪستان نيوي انجنيئرنگ ڪاليج (پي اين اي سي) جي 35 هين ڪانووڪيشن کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ريڪٽر نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) ليفٽيننٽ جنرل (ر) محمود ۽ ڪمانڊر ڪراچي ريئر ايڊمرل محمد سليم ??ڻ موجود هئا. ڪانووڪيشن دوران غيرملڪي شاگردن سميت مجموعي طور تي 368 گر??جو??يٽس کي بيچلرز ۽ پوسٽ گر??جو??يٽ جون ڊگريون ڏنيون ويون. صدر شاگردن کي انهن جي شاندار ڪارڪردگي تي 39 ميڊلز سان پڻ نوازيو. ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي ترقي ڪ??دڙ صنعت کي معياري انجنيئرز فراهم ڪرڻ ۽ تعليم جي اعليٰ معيار کي برقرار رکڻ جي لاءِ پي اين اي سي جي ڪوششن کي ساراهيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مصنوعي ذهانت ۽ روبوٽڪس جهڙين اڀر??دڙ ٽيڪنالاجيز جي ڏس ۾ پي اين اي سي جي ذميواري وڌيڪ وڌي وئي آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته نسٽ پي اين اي سي ملڪ جي موجوده انجنيئرنگ جي ضرورتن کي پورو ڪندي انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي جو سڀ کان وڏو ادارو هجڻ جو اعزاز برقرار رکندو. صدر فارغ ٿي??دڙ شاگردن ۽ انهن جي والدين کي مبارڪباد ڏني ۽ فارغ ٿي??دڙ شاگردن کي مشورو ڏنو ته اهي هڪ مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان جي تعمير جي لاءِ معاشري جو فعال ميمبر بڻجن ۽ ٽيڪنالاجي ۾ بدلج??دڙ ترقي کان پاڻ کي باخبر رکن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي شاگردن پاران ڊگرين جي تڪميل کي شاگردن جي لاءِ علم جا دروازا کولڻ جي برابر قرار ڏيندي چيو ته انهن کي وڌ کان وڌ سکڻ گهرجي. ان کان اڳ ڪمانڊنٽ پي اين اي سي ڪموڊور توقير احمد خواجه ٻڌايو ته پي اين اي سي پنهنجي شاگردن کي ڪيترن ئي شعبن ۾ انجنيئرنگ جي ب??تر??ن تعليم فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي. وڌيڪ اهو ته هن اداري مان فارغ ٿي??دڙ شاگردن جي قومي ۽ عالمي سطح تي ڪاميابين کي اجاگر ڪندي نوجوان انجنيئرز کي تيار ڪرڻ جي لاءِ مختلف فورمز تي فراهم ڪيل موقعن تي روشني وڌي. تقريب ۾ فوجي ۽ سول معززين ۽ فارغ ٿي??دڙ شاگردن جي والدين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.