اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان انٽرنيشنل آرگنائيزيشن فار ??ائ??گريشن (آءِ او ايم) جي سربراهه ايمي پوپ ملاقات ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس موجب نگران پرڏيهي وزير انٽرنيشنل آرگنائيزيشن فار ??ائ??گريشن جي پاڪستان ۾ قابل قدر ??م خاص طور تي 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ انساني امداد کي ساراهيو. ملاقات ۾ ملڪ ۾ آرگنائيزيشن فار ??ائ??گريشن جي جاري منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نگران پرڏيهي وزير آئي او ايم جي مينڊيٽ جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو.