ڪراچي – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ملڪ جي معيشت جي بهتر صورتحال جي ڪري اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي جو رجحان آهي جيڪو هن وقت پنهنجي تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي، آءِ ايم ايف سان اسٽينڊ بائي معاهدي سان سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو آهي، اهڙي معاشي استحڪام جي ل??ءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون جنهن جا ثمرن مان هر طبقو فائدو کڻي، وفاقي حڪومت معيشت جي بهتري ل??ءِ سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪندي رهندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ملڪي معاشي ترقي ۽ اقتصادي لچڪ بابت منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري نگران وفاقي و??ير ڊاڪٽر شمشاد اختر ۽ ناڻي واري وزارت، اسٽاڪ مارڪيٽ، سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان جا ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ موجود هئا. نگران وزيراعظم چيو ته ملڪي معيشت ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ جو اهم ڪردار آهي. نگران وزيراعظم چيو ته حڪومتي سيڪيورٽيز آڪشنز، سيڙپڪارن جو اعتماد وڌائڻ، قرض حاصل ڪرڻ ۾ آساني ۽ شفافيت کي فروغ ڏيڻ جي ل??ءِ قدم کنيا پيا وڃن. اسٽاڪ ايڪسچينج جي ذريعي سيڙپڪارن پاران حڪومتي اجاره سڪوڪ جي پهرين پرائمري آڪشن ۾ شرڪت جي آجيان ڪنداسين. هن چيو ته ريٽيل سيڙپڪارن جي خاص طور تي حوصلا افزائي جي ضرورت آهي. اسٽاڪ بروڪر ايسوسيئيشن، ايس اي سي پي ۽ مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن جي پرائمري مارڪيٽ آڪشن کي فروغ ڏيڻ جي گڏيل ذميواري آهي. نگران وزيراعظم چيو ته اسٽاف مارڪيٽ ۾ ڪاروباري سرگر??ين جي فروغ ۾ مدد ملي ٿي. ترقي ۽ خوشحالي طرف اڳتي وڌڻ جا موقعا ملن ٿا. هلندڙ سال اسان جي معيشت کي مختلف چئلينجز درپيش رهيا آهن ۽ حڪومت ڍانچاجاتي ۽ مائيڪرو اقتصادي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ل??ءِ ڀرپور قدم کنيا. ان سلسلي ۾ معيشت کي ٻيهر پنهنجي رستي تي گامزن ڪرڻ جي ل??ءِ لاڳاپيل ڌرين جي تعاون کي ساراهيون ٿا جنهن سان ڊالر جي قدر کي هيٺ آڻڻ ۾ مدد ملي آهي جيڪو 5 سيپٽمبر 2023ع تي 207 رپين تائين پهچي ويو هو ۽ اڄ اهو انٽر بئنڪ ۾ 284 رپين جي لڳ ڀڳ آهي، ان سان ناڻي واڌ جي شرح ۾ پڻ گهٽتائي ٿي آهي. نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت پاران آءِ ايم ايف سان اسٽينڊ بائي معاهدي سان سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو آهي. هن چيو ته حڪومت جي انهن مثبت قدمن سان ملڪ ۾ سازگار ڪاروباري سرگر??ين جي ل??ءِ ماحول پيدا ٿيو آهي. ملڪي معيشت جي بهتر صورتحال جي ڪري اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي جو رجحان آهي جيڪو هن وقت تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي. نگران وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت پائيدار اقتصادي ترقي ۽ معيشت جي بهتري ۽ ڪيپيٽل مارڪيٽ جي فروغ جي ل??ءِ سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪندي رهندي. اسان کي جدت جي فروغ، ريگيوليٽري فريم ورڪ ۾ بهتري آڻڻ ۽ شفافيت جي ل??ءِ ڪوششون جاري رکڻ گهرجن ته جيئن اهو بنياد مستحڪم رهي جنهن تي اسان جي ڪيپيٽل مارڪيٽ بيٺل آهي. نگران وزيراعطم چيو ته اسان اهڙي معاشي استحڪام جي ل??ءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون جنهن جي ثمرن مان هر طبقو فائدو کڻي. بعد ۾ نگران وزيراعظم رسمي گهنٽي وڄائي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروباري سرگر??ين جي شروعات ڪئي. تقريب کي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري نگران وفاقي و??ير ڊاڪٽر شمشاد اختر پڻ خطاب ڪيو.