اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي معياري ۽ سستي معاون ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي عضون جي پاڪستان ۾ تياري جي ??اء?? قدمن جي ضرورت تي زور ڏيند?? چيو آهي ته خصوصي ماڻهن جي بحالي ۽ انهن کي معاشري جو فعال ميمبر بڻائڻ جي ??اء?? پاليسي سطح سميت عملي قدم کڻڻا پوندا. صدر اهڙن خ??ال?? جو اظهار چل فائونڊيشن ج?? چيئرمين فيروز احمد جي قيادت ۾ وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته خصوصي ماڻهن کي معيشت ۽ معاشري جي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ پاڪستان جي ترقي جي ??اء?? لازمي آهي. ڊاڪٽر عارف علو?? چيو ته معاون ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي عضون جي ڪري خصوصي ماڻهن جي مخصوص ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي ٿو. وفد صدر کي منفرد صلاحيتون رکندڙ ماڻهن جي ڀلائي ??اء?? چل فائونڊيشن جي قدمن بابت بريفنگ ڏني. صدر کي ٻڌايو ويو ته چل فائونڊيشن خصوصي ماڻهن کي مصنوعي عضون سميت معاون ٽيڪنالاجي فراهم ڪري رهي آهي، چل فائونڊيشن خصوصي ماڻهن کي بحالي، ٿيراپي ۽ علاج جون سهولتون پڻ فراهم ڪري ٿي. وفد صدر کي فائونڊيشن جي مختلف منصوبن، خصوصي ماڻهن جي ضرورتن بابت ??ڻ ٻڌايو. ان موقعي تي صدر خصوصي ماڻهن جي ڀلائي، بحالي ۽ سهولت جي ??اء?? چل فائونڊيشن جي ڪردار کي ساراهيو.