بيجنگ – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وز??را??ظم انوارالحق ڪاڪڙ بيجنگ ۾ ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم (بي آر ايف) جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ پهچي ويو. جنهن کانپوءِ نگران وز??را??ظم چيني ڪاروباري شخصيتن سان ملاقات ڪندو ۽ چين ۽ پا??ست??ن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي مفاهمتي ياداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندو. نگران وز??را??ظم بي آر ايف جي اعليٰ سطح جي فورم (اوپن عالمي معيشت ۾ رابطو) ۾ شرڪت ڪندو ۽ خطاب به ڪندو. نگران وز??را??ظم پنهنجي چيني هم منصب لي ڪي چيانگ سان ملاقات ڪندو جتي پا??ست??ن ۽ چين جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ لاءِ مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون ٿينديون. نگران وز??را??ظم ڪميونسٽ پارٽي جي سينٽرل ڪميشن فار ڊسيپلين جي سيڪريٽري لي شي سان به ملاقات ڪندو.