اسلام آباد-20 سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي ايف ڊي اي کي لکيل خط ۾ ايف ڊي اي تحت اسڪولن ۾ بي ضابطگ??ن جو سخت نوٽيس ورتو آهي. وفاقي وزير ايف ڊي اي کي حڪم ڏن?? ته هو اسڪولن جي خراب حالت بابت وضاحت فراهم ڪري، هن ايف ڊي اي کي حڪم ڏن?? هو ته ان مجموعي ناڪامي جي ذميواري طئي ڪري ته جيئن مستقبل ۾ اهڙي طرح جون حالتون پيدا نه ٿين. وفاقي وزير اهو به حڪم ڏن?? ته هاڻي انتظامي/تعليمي عهدن (بي ايس 19 ۽ ان کان مٿي) جي آفيسرن جون سموريون مقرريون/بدليون، سيڪريٽري M/o /FE&PT جي مشاورت سان ۽ وفاقي وزير جي منظوري کانپوءِ ڪيون وي??دي??ن. نگران وزير مدد علي سنڌي ايف ڊي اي کي حڪم ڏن?? ته هو اهڙي طرح جي سنگين خدشن کي ختم ڪرڻ لاءِ انتظامي، تعليمي ۽ مالياتي چئلينجن جي باري ۾ هڪ جامع بريفنگ ڏي. پهر??ن جي هڪ خط ۾ وفاقي وزير ايف ڊي اي کي حڪم ڏن?? هو ته هو ايف ڊي اي ڪيزيردست سمورين اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پيئڻ جي صاف ۽ ٿڌي پاڻي جي فراهمي سان گڏوگڏ سمورن اسڪولن جي ڪلاس رومز، باٿ رومز، را??دي?? جي ميدانن ۽ اڱڻ جي مرمت ۽ سرسنڀال کي به يقيني بڻائي. وفاقي وزير ايف ڊي اي کي استادن، چوڪيدارن ۽ ماله??ن سميت عملي جي کوٽ کي پورو ڪرڻ جو به حڪم ڏن?? هو. وفاقي وزير انتظامي عهدن تي مقرر استادن جو سنجيدگي سان نوٽيس ورتو. وفاقي وزير چيو ته هي سندن بنيادي ڪم ناهي، استادن کي تعليم کي هٿي ڏيڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.