اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته جيستائين پاڪستان ۾ ٽي??س اوڳاڙين ۾ اضافو نٿو ٿئي، تيستائين ملڪي معيشت جي بهتري ممڪن نه آهي، ا??مگ??نگ کي روڪڻ جي لاءِ سڄي ملڪ خاص طور تي سرحدي علائقن ۾ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، ڪاروباري برادري جي مسئلن جو حل حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، ڪاروباري برادري موجوده ملڪي معاشي حالتن جي باوجود ملڪي معيشت جي ترقي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ روزگار جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان اسلام آباد ايوان واپار ۽ صن??ت جي وفد صدر احسن ظفر بختاوري جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ڪامرس سيڪريٽري، صنعت واري سيڪريٽري، ايف بي آر چيئرمين، سي ڊي اي چيئرمين ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي نگرا?? وزيراعظم چيو ته ڪاروباري طبقي جي تجويزن جي آجيان ڪريون ٿا، انهن مان قابل عمل تجويزن تي عملدرآمد جي خاطري ڪرايان ٿو، وزارت عظميٰ جي ذميواري سنڀاليندي ئي ڪاروباري برادري سان ملاقاتون ڪيون ۽ انهن جا مسئلا ٻڌا، ڪاروباري برادري موجوده ملڪي معاشي حالتن جي باوجود ملڪي معيشت جي ترقي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ روزگار جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي. نگرا?? وزيراعظم چيو ته حڪومت ٽي??س جي نظام ۾ سڌارا يقيني بڻائي رهي آهي، جنهن جي لاءِ ٽي??س جو نظام ڊيجيٽلائيزڊ ڪيو پيو وڃي، جيستائين پاڪستان ۾ ٽي??س اوڳاڙين ۾ اضافو نه ٿو ٿئي تيستائين ملڪي معيشت جي بهتري ممڪن نه آهي. ا??مگ??نگ کي روڪڻ جي لاءِ سڄي ملڪ خاص طور تي سرحدي علائقن ۾ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. ا??مگ??نگ کي روڪڻ جي حوالي سان گذريل 48 ڪلاڪن دوران ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو آهي، جنهن جا مثبت نتيجا اچي رهيا آهن. هن چيو ته پاڙيسري ملڪن سان واپار جي فروغ لاءِ مشاورت جاري آهي. ا??مگ??نگ کي روڪڻ جو پاڙيسري ملڪن جي عملدارن آجيان ڪئي، واپارين، صنعتڪارن ۽ سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ڪري ملڪي معيشت کي وڌيڪ مستحڪم ڪنداسين. بجلي جي شعبي ۾ سڌارن جو عمل تيزي سان جاري آهي. بجلي چوري جي خلاف موثر ڪارروائي ڪئي ويندي، ملڪي مسئلن جي حل لاءِ سڀني ڌرين سان مشاورت جاري آهي. ڪامرس واري وزارت سڄي ملڪ جي چيمبرز کان باقاعدگي سان تجويزن ۽ مشاورت کي يقيني بڻائي. نگرا?? وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايف بي آر پوائنٽ آف سيل جي دائري کي وسيع ڪرڻ جي حوالي سان جلد رپورٽ پيش ڪئي وڃي. پاڪستاني سفارتخانن ۾ مقرر ڪمرشل اتاشين جي ڪارڪردگي کي بهتر ڪيو وڃي، سي ڊي اي جي نظام ۾ بهتري آندي وڃي ۽ ڪاروباري برادري کي مشاورتي عمل جو حصو بڻايو وڃي. سي ڊي اي شهرين کي ڏني ويندڙ سمورين سهولتن ۽ لينڊ رڪارڊ کي ڊيجيٽلائيزڊ ڪري. ملاقات ۾ واپاري برادري نگرا?? وزيراعظم کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀا??ڻ تي مبارڪباد ڏني. وفد نگرا?? وزيراعظم کي واپاري برادري جي مسئلن جي حوالي بابت آگاهه ڪيو ۽ انهن جي حل لاءِ پنهنجون تجويزون پيش ڪيون. نگرا?? وزيراعظم وفد جي تجويزن جي آجيان ڪئي ۽ انهن جي مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي.