ڪراچي – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪي معاشي مسئلن جي حل ??اء?? ڪاروباري برادري جو اهم ڪردار آهي، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل سان ملڪ ۾ وڏي پئماني تي ٻاهرئين سيڙپڪاري ٿيندي، ڪراچي جي واپاري برادري کي سهولتون ڏيڻ ۽ انهن جي مسئلن جو حل حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن صدر طارق يوسف ۽ چيف ايگزيڪيوٽو زبير موتي والا جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيرن سيد نويد قمر، سيد امين الحق، احسن اقبال، انجنيئر خرم دستگير، مملڪتي وزير مصدق ملڪ، خاص معاونين طارق باجوه، طارق پاشا، جهانزيب خان، سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري، سنڌ جي وڏي وزير سيد م??اد علي شاهه، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چ??و ته ڪراچي جي واپاري برادري کي سهولت ۽ انهن جي مسئلن جو ترجيحي بنيادن تي حل حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ملڪي معاشي مسئلن جي حل ??اء?? ڪاروباري برادري جو اهم ڪردار آهي، ڪراچي ۾ بجلي ۽ گئس جي منصفاڻي ورڇ جي ??اء?? توهان جي تجويزن جي آجيان ڪريون ٿا. هن چ??و ته حڪومت ملڪ ۾ مثبت ڪاروباري ماحول قائم ڪرڻ جي ??اء?? قدم کنيا آ??ن، حڪومت 10 هزار ميگاواٽ شمسي بجلي جو منصوبو ٺاهيو آهي جنهن ۾ ٻاهريان سيڙپڪار ??هري دلچسپي جو اظهار ??ري رهيا آ??ن. هن چ??و ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) سان ملڪ ۾ وڏي پئماني تي ٻاهرئين سيڙپڪاري ٿيندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اسٽيٽ بئنڪ ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو جا عملدار واپاري برادري سان تعاون سان انهن جا مسئلا حل ڪن. هن چ??و ته حڪومت ڪراچي جي واپارين کي هڪ قيمت تي بجلي جي فراهمي يقيني بڻائيندي. ان موقعي تي ٽريڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيف ايگزيڪيوٽو ۽ واپاري برادري جي اڳواڻ زبير موتي والا واپاري برادري جي مسئلن جي حل ??اء?? تجويزون پيش ڪيون ۽ وزيراعظم جي واپاري برادري جي مسئلن جي حل ??اء?? قدمن تي خراج تحسين پيش ڪيو.