اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ليفٽيننٽ ج??رل سرفراز علي ۽ ساڻس گڏ شهيد ٿيندڙ آفيسر اسان جي قوم جو فخر آه??، قوم ڪڏهن به انهن جون قربانيون نه وساريندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ليفٽيننٽ ج??رل سرفراز ۽ ساڻس گڏ شهيد ٿيندڙ آفيسر اسان جي قوم جو فخر آهي، انهن جي شهادتن کي اڄ پورو هڪ سال گذري ويو آهي، مون سميت سڄي قوم لسٻيلا هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت ماڻيندڙ ملڪ جي انهن عظيم فرزندن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. تاريخ گواهه آهي ته ملڪ کي ميري اک سان ڏسندڙ دشمن جو مقابل?? هجي، دهشتگردي جي ناسور جو خاتم?? هجي يا قد??تي آفتون هج??، قوم جڏهن به پنهنجي جوانن کي ياد ڪيو انهن پنهنجو رت قربان ڪرڻ کان ڪڏهن به نه ڪيٻايو. قوم ڪڏهن به انهن جون قربانيون نه وساريندي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ليفٽيننٽ ج??رل سرفراز علي شهيد، برگيڊيئر امجد حفيظ شهيد، برگيڊيئر محمد خالد شهيد، ميجر سعيد احمد شهيد، ميجر ايم طلحيٰ منان شهيد ۽ نائيڪ مدثر فياض شهيد جون تصويرون به شيئر ڪيون.