لاهور – 30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پي ڊي ايم جي سربراهه ۽ جمعيت علماءُ اسلام (ف)جي امير مولانا فضل الرحمان ۽ مواصلات واري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود کي ٽيليفون ڪري خار ۾ جي يو آءِ (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڌماڪي تي افسوس ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ڌماڪي سبب قيمتي جانين جي نقصان تي دلي افسوس ٿيو آهي، اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. وزيراعظم چيو ته جوابدارن کي سخت سزا ملندي، دهشتگردي جو خاتمو پوري قوم جو عهد آهي. وزيراع??م شهباز شريف چيو ته متاثر خاندانن سان دلي همدردي آهي، وزيراع??م شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ ڏکويل ڪٽنبن لاءِ صبر ۽ زخمين لاءِ جلد صح??يا??ي جي دعا ڪئي. وزيراع??م شهباز شريف چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي خيبرپختونخوا سان پڻ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ڌماڪي جي زخمين کي بهترين طبي سهولتن جي فراهمي جي ه??ايت ڪئي. وزيراع??م شديد زخمين جي هيلي ڪاپٽرز ذريعي ٻين اسپتالن ۾ منتقلي جي ه??ايت ڪئي. وزيراعظم واقعي جي جاچ ۽ ملوث ڌرين خلاف سخت قدم کڻڻ جي پڻ هدايت ڪئي.