لاهور -15 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته واپارين جي مسئلن جو حل حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، سڀئي سياستدان، بزنس مين، بيورو ڪريسي ۽ اسٽيل هولڊرن کي ملي رياست پاڪستان جي معاملن کي هلائڻو پوندو. مملڪت خداداد جي ترقي لاءِ 24 ڪروڙ عوام کي سوچڻو پوندو، آءِ ايم ايف پروگرام جو ??نظور ٿيڻ ٽيم ورڪ جو ??تيجو آهي، آءِ ايم ايف جو ??روگرام بحال ٿيڻ خوشيءَ جي ڳالهه آهي جن??ن تي پوري ٽيم کي مبارڪون ڏيان ٿو، آءِ ايم ايف کي ماضي جي پيدا ڪيل بداعتمادي سبب خدشا هئا، 12 آگسٽ تائين اسان جي حڪومت آهي، پوءِ نگران حڪومت ايندي، چونڊن کان پوءِ جيڪڏهن عوام چونڊيو ته آءِ ايم ايف جي مدد سان معيشت کي مستحڪم ڪنداسين. هو گورنر هائوس ۾ چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي عهديدارن ۽ ٻين بزنس ڪميونٽي جي اڳواڻن سان ملاقات کان پوءِ خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي پنجاب جو گورنر محمد بليغ الرحمان، وفاقي وزير، وزيراعظم جا خاص مددگار ۽ ٻيون اهم شخصيتون موجود هيون. وفاقي وزير اسحاق ڊار ويڊيو لنڪ ذريعي اجلاس م شرڪت ڪئي. هن چيو ته ڪنهن به حڪومت جو اهو بنيادي فرض آهي ته صنعتڪاري، زراعت ۽ واپار لاءِ جيڪو به ممڪن آهي ڪري هي ذميواري آهي ڪو احسان ناهي، اڄ جيڪي مشڪل حالتون سامهون آهن اهي اوهان سڀني آڏو آهن،. الله تعاليٰ جو ڪرم آهي ته آءِ ايم ايف بورڊ جو ??روگرام گڏيل ٽيم ورڪ ذريعي منظور ٿي ويو آهي، هي معاهدو 9 مهينن لاءِ ٿيو آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف جي ايم ڊي سان منهنجي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، پروگرام جي منظوري تي ان جو ??ورو مڃيو. گذريل 15 مهينن کان آمريڪا سان جيڪي لاڳاپا خراب ٿيا هئا، انهن کي ڏينهن رات محنت ڪري ٻيهر بحال ڪيو آهي، ان ڳالهه کي آمريڪا سٺو سنئوڻ قرار ڏنو آهي. هن چيو ته اهو ان ڳالهه جو اهڃاڻ آهي ته هو پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو خواهشمند آهي، اه?? ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته پنهنجي ذاتي مفاد کي قومي مفاد تي ترجيح نه ڏيڻ گهرجي، بدقسمتي سان ماضي ۾ ذاتي مفادن خاطر قومي مفادن کي قربان ڪيو ويو، جن??ن جو ??قصان قوم آڏو آهي، هي صرف هڪ نه بلڪه ان حوالي سان ڪيترائي مثال موجود آهن. وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ معاهدن جي خلاف ورزي سبب مشڪلاتون پيدا ٿيون پر ٽيم ورڪ جي گڏيل ڪوششن ۽ الله پاڪ جي فضل و ڪرم سان آءِ ايم ايف جو ??روگرام بحال ٿيو. هن چيو ته چين 5 بلين ڊالر گذريل 5 مهينن ۾ پاڪستان لاءِ رول اوور ڪيا آهن. هن وقت چين 5 بلين ڊالر رول اوور نه ڪري ها ته خدانخواسته پاڪستان ڊفالٽ ڪري وڃي ها. هن چيو ته ڪنهن به ملڪ جي بزنس ڪميونٽي جو ??لڪي ترقي ۾ اهم ڪ??دار هوندو آهي. اوهان عظيم پاڪستاني ماڻهو آهيو، سيڙپڪاري ڪيو ٿا خطرن کي منهن ڏيو ٿا ۽بئنڪن مان مهانگا قرض وٺو ٿا. هن چيو ته اسان کي سوچڻ گهرجي ته ڇاڪاڻ ته اسان لاءِ اهو فڪر جو ??محو آهي، بزنس ڪميونٽي جا مسئلا حل طلب آه??، پاڪستان کي ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ شامل ڪرڻ لاءِ سڀني کي گڏجي پنهنجي پنهنجي سطح تي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف کي ماضي جي پيدا ڪيل بداعتمادي سبب خدشا هئا جن??ن جي ڪري پروگرام کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ دير ٿي. اميد آهي ته نگران حڪومت معاهدي تي عملدرآمد جاري رکندي، صنعتڪار ۽ بزنس ڪميونٽي جو ??روڊڪشن ۽ ملڪي اڪنامي ۾ تمام اهم ڪ??دار آهي، پهرين اسان ڪاٽن ايڪسپورٽ ڪندا هئاسين، صنعتڪاري ۽ زرعي شعبي جي بهتري لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون، اڄ مشڪل حالتون سامهون آهن، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ۽ ان جي ٽيم ڏينهن رات محنت ڪئي ۽ ان پروگرام کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ سمورن مرحلن کي سٺي طريقي سان عبور ڪيو. آءِ ايم ايف ڊيل جي حوالي سان پوري قوم کي آگاهه ڪيو ته ڪهڙا مرحلا گذريا آهن، اسان پاڪستان کي ڊفالٽ ٿيڻ کان بچايو، سعودي عرب 2 بلين ڊالر يو اي اي هڪ بلين ڊالر ۽ آءِ ايم ايف طرفان 1.2 ارب ڊالر قومي خزاني ۾ جمع ٿيڻ سان مجموعي طور پاڪستان جي 14 بلين ڊالرن جا ذخيرا ٿي ويا آهن. هن چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام جو ??نظور ٿيڻ ٽيم ورڪ جو ??تيجو آهي جن??ن تي سڀني کي مبارڪون ڏيان ٿو. پئرس جي اجلاس ۾ آءِ ايم ايف جي ايم ڊي سان ڳالهايو، اوهان جي ڪاوشن کان سواءِ اهو ممڪن نه هو، آءِ ايم ايف پروگرام منظور ٿيڻ تي ايم ڊي آءِ ايم ايف جو شڪريو ادا ڪيون ٿا، گذريل حڪومت جي غلط فيصلن سبب عالمي سطح تي نقصان پهتو، بدقسمتي سان آمريڪا سان لاڳاپن کي محدود سوچ ۽ غلطين جي ڪري ڪاري ضرب لڳائي وئي. اتحادي حڪومت ٻنهي ملڪن سان لاڳاپن کي بحال ڪيو، اسان وڏي محنت سان آمريڪا سان لاڳاپن کي بهتر ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ان جي ٽيم ورڪ ڪوششن جو ??تيجو آهي. ذاتي مفادن کي قومي مفادن تي قربان ڪيو، ماضي ۾ جن معاهدن جون خلاف ورزيون ٿيون انهن عيوض معاملا الجهندا هليا ويا. هن چيو ته سمورين مشڪلاتن باوجود اسان کي گڏجي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ عهد ڪرڻو پوندو ته غريب جي مشڪلاتن کي حل ڪرڻ سڀني جي ذميواري اهي. اڪثر غريب ماڻهو جن جو گذر سفر انتهائي مشڪل حالتن ۾ آهي، سمورين چئلينجن جو ??قابلو ڪرڻ لاءِ محنت ۽ قرباني گهرجي. هن چيو ته سمال انٽر پرائيز هڪ اهم شعبو آهي جيڪو معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، جاپان، جرمني ۽ چين سميت ٻين ترقي يافته ملڪن سمال انڊسٽري تي فوڪس ڪندي ترقي ڪئي، پر اسان هن سيڪٽر تي ڪيتري توجهه ڏني آهي اهو هڪ چئلينج آهي. وزيراعظم چيو ته اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي دور ۾ شروع ڪيل منصوبن ۾ دير ڪئي وئي جن??ن سبب انهن جي لاڳت 30 کان 40 ارب رپيا وڌي وئي آهي. اهي پئسا ريسرچ ۽ ترقي جا سينٽر بڻائڻ لاءِ ڏئي سگهجن پيا. هن چيو ته 2008ع ۾ 1122 کي پوري پنجاب ۾ پکيڙيو ڇو ته هي هڪ سٺو منصوبو هو. هن چيو ته عمران خان چئني صوبن ۾ پنهنجي مخالفن کي ظلم جو ??شانو بڻايو. حالتن جي گهرج آهي ته سمورا آئيني ادارا پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪو آرڊينيشن ڪن. هن چيو ته نه چاهيندي به بجلي جي قيمتن ۾ واڌ ڪرڻي پئي. بجلي چوري ۽ لائين لاسز جي روڪٿام لاءِ قدم کڻڻا پوندا ته جيئن غريب شهرين تي اور بلنگ جو بار نه پوي. هن چيو ته 1990ع جي ڏهاڪي ۾ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف اڪنامڪ رفارمز ڪيا ۽ ان جا بهترين نتيجا حاصل ٿيا.