اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسٽيٽ بئنڪ ۾ 2 ??رب ڊالر جمع ڪرائڻ تي سعودي ول?? عهد شهزاده محم?? بن سلمان جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ آءِ ٽي، توانائي، بنيادي ڍانچي ۽ ليبر سميت اهم شعبن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان مجب اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم پاڪستان جي لاءِ فراخدلاڻي حمايت تي سعودي قيادت جا ٿورا مڃيا جنهن خاص طور تي آءِ ايم ايف سان معاهدي کي محفوظ بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم سعودي سفير کي چيو ته هو ول?? عهد ۽ وزيراعظم محم?? بن سلمان جا اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۾ 2 ??لين ڊالر جمع ڪرائڻ تي پاڪستان پاران خصوصي ٿورا مڃي ٿو. وزيراعظم سعودي سفير کي سعودي عرب سميت جي سي سي جي ميمبر ملڪن سان امڪاني سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ ۽ تيز رفتاري سان اڳتي وڌڻ جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل قائم ڪرڻ بابت آگاهه ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته آءِ ٽي، توانائي، انفراسٽرڪچر ۽ ليبر سميت اهم شعبن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي گڏيل تعاون کي تيزي سان اڳتي وڌائڻ گهرجي. سعودي سفير ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب هڪ ڀائراڻي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن جيڪو گڏيل اعتماد ۽ افهام تفهيم، ويجهي تعاون ۽ هڪ ٻئي جي حمايت جي لازوال روايت تي ٻڌل آهن. وزيراعظم ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان سعودي ول?? عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محم?? بن سلمان جي دوري جو بي تابي سان منتظر آهي.