اسلام آباد-09 جولاءِ (اي پي پي)صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان کي انشورنس کان پهرين ميڊيڪل ٽيسٽن جي باري ۾ پاليسي بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ايوان ??در جي پريس ونگ مان ??اري پريس رليز موجب صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي هدايت ڪئي ته اسٽيٽ لائيف ڊاڪٽرن جو پنيل جوڙي جيڪو تجويز ڪري ته پاڪستان ۾ عام بيماريون ڪهڙيون آهن ۽ پاليسي جاري ڪرڻ کان پهرين ڪهڙيون ٽيسٽون ڪرائڻ گه??جن. صدر اهي حڪم انشورنس ڪمپنين ۽ شهرين طرفان ??اخل ڪيترين ئي اپيلن جي ڏس ۾ جاري ڪيون آهن جن ۾ چيو ويو آهي ته انشورنس ڪمپنيون ڪليمز جي ادائيگي کان ??نڪار ڪري رهيون آهن، انشورنس ڪمپنيون انشورنس کان ??ڳ بيماري لڪائڻ جي الزام تي انشورنس جي رقم ادا ڪرڻ کان ??نڪار ڪري رهيون هيون. پاليسي هولڊرز کي مجاز ميڊيڪل آفيسرز ۽ انشورنس ڪمپنين جي فيلڊ آفيسرز طرفان ??بي طور تي فٽ قرار ڏيڻ جي باوجود ڪليمز جي ادائيگي کان ??نڪار ڪيو پئي و??و. صدر وفاقي محتسب جي فيصلن خلاف اسٽيٽ لائيف انشورنس جون 2 ڌار ڌار اپيلون رد ڪري ڇڏيون. صدر اسٽيٽ لائيف کي ٻن پاليسي هولڊرزن جي خاندانن جي ماڻهن کي 36 لک کان وڌيڪ رقم ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. تفيصل موجب محمد يوسف ۽ عابده بي بي اسٽيٽ لائيف کان ??رتيبوار 34 لک ۽ 2 لک روپين جي لائيف انشورنس پاليسيون حاصل ڪيون، پاليسي هولڊرز جي و??ات کانپوءِ پوئينرن انشورنس ڪليمز جي ادائيگي لاءِ اسٽيٽ لائيف سان ??ابطو ڪيو پر انشورنس کان ??ڳ بيماريون لڪائڻ جو بهانو بڻائي ڪليمز جي رقم ادائيگي کان ??نڪار ڪيو ويو، اسٽيٽ لائيف کين ان ??نياد تي لاڳاپيل رقم ادا ڪرڻ کان ??نڪار ڪيو ته هو هيپاٽائيٽس سي، گردي جي دائيمي بيماري، دل جي بيماري ۽ هائي بلڊ پريشر جا مريض آهن، پاليسي هولڊرز انشورنس کان پهرين انهن بيمارين جي هجڻ جو ذڪر ناهي ڪيو، خاندان ??ي ماڻهن ڌار سان وفاقي محتسب وٽ شڪايت داخل ڪرائي، جنهن ۾ انهن جي حق ۾ حڪم جاري ڪيا ويا، ان کانپوءِ اسٽيٽ لائيف صدر مملڪت کي اپيل داخل ڪئي جنهن کي رد ڪيو ويو آهي، صدر مملڪت ڊاڪٽر ??ارف علوي چيو ته ٻنهي پاليسي هولڊرز کي لاڳاپيل ميڊيڪل آفيسرز ۽ فيلڊ آفيسرز طبي طور تي صحتمند قرار ڏنو هو، ميڊيڪل آفيسرز جي ذري??ي بيمارين جي موجودگي جو آساني سان پتو لڳائي سگهيو پئي، صدر چيو ته ميڊيڪل آفيسرن جون خدمتون پاليسيون جاري ڪرڻ کان ??ڳ پاليسي هولڊرز جي طبي معائني لاءِ حاصل ڪيون ويون هيون. صدر چيو ته اسٽيٽ لائيف ادائيگين کان ??نڪار نٿي ڪري سگهي ڇاڪاڻ ته ان وٽ مجاز ميڊيڪل آفيسرز جي ذريعي مبينه بيمارين جو پتو لڳائڻ جا سمورا ذريعا موجود هئا. صدر چيو ته اسٽيٽ لائيف ناقص بنيادن تي انشورنس ڪليمز کي رد ڪري بدانتظامي جو ارتڪاب ڪيو آهي، اسٽيٽ لائيف انشورنس کان پهرين بيمارين جي موجودگي ثابت ڪرڻ جي حوالي سان ڪو به ثبوت پيش نه ڪري سگهي، صدر چيو ته اسٽيٽ لائيف لاڳاپيل خاندان ??ي ماڻهن کي 3.68 ملين روپيا ادا ڪري ۽ ميڊيڪل ٽيسٽ جي حوالي سان پنهنجي پاليسي کي بهتر بڻائي. صدر چيو ته اسٽيٽ لائيف ذيابيطس ۽ هائپرٽينشن وغيره جهڙين مختلف بيمارين جي باري ۾ انشورنس پاليسي ۽ پريميم جي حوالي سان ??بي مرضن جي خدشن جي بنياد تي ترميم ڪري مستقبل ۾ اهڙي قانوني ڪارروائي کان ??چي سگهي ٿي.