اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ٽو??يو ۾ پنهنجي جاپاني هم منصب شيگيو ياماڊا سان مُلاقات ڪري ٻطرفي سيا??ي مشاورت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ڌرين پاڪستان جاپان لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ پراڻي مضبوط لاڳاپن جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏڻ تي اتفاق ڪيو. ڳالهه ٻولهه دوران اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي سيڪريٽري جاپان جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير تاڪي شونسوڪ ۽ قومي سلامتي جي صلاحڪار تا??يو اڪيبا سان پڻ ملاقات ڪئي. هن جاپان – پاڪستان ايسوسيئيشن جي صدر شون اميزومي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. جاپاني عهديدارن پرڏيهي سيڪريٽري سان ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ??يو ۽ چيو ته جاپان هن سال جولاءِ جي پهرين هفتي ۾ پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي دوري جو منتظر آهي.