اسلام آباد- 22 جون (اي پي پي) وفاقي وزير شازيه مري چيو آهي ته آئين ۾ سمورن ادارن جو ڪردار طئي ٿيل آهي، جڏهن سمورا ادارا آئين تي مڪمل عمل ڪندا ته ملڪ ۾ آئيڊيل جمهوريت هوندي، ڊڪٽيٽر جو پوسٽر بواءِ اهو ڪندو جنهن مقصد لاءِ ا?? کي تخليق ڪيو ويو آهي. بي آءِ ايس پي تحت معاونت خيرات ناهي بلڪ هي عوام جو حق آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ ايندڙ مالي سال 24-2023ع جي بجيٽ تي بحث دوران هن چيو ته خساري جو بجيٽ آهي پر ان جو مطلب اهو ناهي ته اها خراب بجيٽ آهي، اس???? کي مشڪل حالتن ۾ ذميداري کڻڻي پئي، اڳوڻي حڪومت جي ناقص پاليسين سبب مشڪل حالتون پيدا ٿيون. هن چيو ته سندس وزارت تحت هاڻ ماڻه?? کي ريزيليئنٽ بڻائڻ تي توجهه ڏني پئي وڃي ته جيئن اهي قدرتي آفتن ۽ ٻين معاشي جهٽڪن کان محفوظ رهي سگهن. بي آءِ ايس پي ۾ گهراڻي جي سربراهه عورت کي بڻائڻ جي شر?? عورت?? کي بااختيار بڻائڻ جي حوالي سان هڪ اهم قدم آهي. قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن بي آءِ ايس پي جي حوالي سان جيڪي نُڪتا اُٿاريا آهن انه?? کي حل ڪيو پيو وڃي، اس??ن پٺتي پيل علائقن ۾ بي آءِ ايس پي جي حوالي سان مسئل?? کي پڻ حل ڪري رهيا آهن. وفاقي وزير چيو ته بي آءِ ايس پي جي بجيٽ ۾ نمايان واڌ ڪئي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته هاڻ ملڪ ۾ سماجي تحفظ هڪ اهم اِشو بڻجي چڪو آهي. بي آءِ ايس پي تحت امداد خيرات ناهي بلڪ هي هڪ فلاحي رياست جي حوالي سان محترمه بينظير ڀٽو شهيد طرفان هڪ ويزن آهي، هي حڪومت طرفان ماڻهن تي احسان ناهي بلڪ انهن جو حق آهي. بينظير تعليمي وظيفي سبب هڪ سال ۾ اسڪولن ۾ ٻارن جي داخلا 3.7 ملين کان وڌي 7.4 ملين ٿي وئي آهي. واڌو شر?? 210 سيڪڙو بڻجي ٿي ۽ ا?? کي 9.2 ملين تائين وٺي وڃڻ جو هدف آهي. غير آئيني، غير اخلاقي ۽ غير قانوني طريقي سان اسيمبليءَ کي ٽوڙيو ويو، حالانڪ هي پهريون ڀيرو هڪ نااهل وزيراعظم کي آئيني طريقي سان گهر موڪليو ويو. هن چيو ته اتحادي پارٽيون ملي بقا ۽ اس??حڪام لاءِ گڏ ٿيون آهن، اس??ن ملڪ لاءِ هڪ صفحي تي آهيون ۽ اڳتي به ضرورت پئي ته هڪ پيج تي رهنداسين. هي پهريون ڀيرو نه ٿي رهيو آهي، ان کان اڳ به ٻه وڏيون سياسي پارٽيون چارٽر آف ڊيموڪريسي ذريعي ملڪ ۾ جمهوريت ۽ ائين جي تحفظ لاءِ ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته جنرل ضياءُ الحق آ??ين ۾ جيڪي تبديليون ڪيون هيون اهي اس??ن اتفاق راءِ سان ختم ڪيون آهن، جيڪي ماڻهو جمهوريت سان جُڙيل هئا اهي سياست کي جمهوريت ۽ جمهوري نظر سان ڏسي رهيا هئا ۽ آهن اهي ڪڏهن به مايوس نه ٿيا آهن، اس??ن ملڪ ۾ جمهوريت کي مضبوط ??نا??ڻ لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين، اهو سٺو سنوڻ آهي ته هاڻ ڪيترائي ماڻهو جمهوريت کي ان ملڪ جو مستقبل سمجهن ٿا ۽ اهائي اس??ن جي وڏي ڪاميابي آهي. هن چيو ته آئين ۾ سمورن ادارن جو ڪردار طئي آهي جڏهن ادارا ان آئين تي عمل ڪندا ته ملڪ ۾ آئيڊيل جمهوريت هوندي. هن چيو ته 4 سالن ۾ ڪوڙا واعدا ڪيا ويا ۽ جڏهن ماڻهن سوال اُٿارڻ شروع ڪيا ته چوڻ لڳو ته سڪون صرف قبر ۾ آهي، هن شخص کي آمر تخليق ڪيو هو، هي هڪ ڊڪٽيٽر جو پوسٽر بواءِ آهي، اهوئي ڪندو جنهن مقصد لاءِ ا?? کي تخليق ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ملڪ مشڪل حالتن ۾ آهي، اڄ اس??ن قائداعظم جي اتحاد، تنظيم ۽ نظم تي عمل نه ڪيو ته ان سان ملڪ کي نقصان پهچندو، اس???? کي اڄ به ميثاق جمهوريت جي ضرورت آهي. آصف علي زرداري مفاهمت جي سياست تي يقين رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهوئي ان ملڪ ۾ اس??حڪام کي يقيني بڻائڻ آهي. 9 مئي تي ملڪ جو جيڪو ڪجهه ٿيو ان جا اثر وسيع آهن.