ڪراچي – 16 – جون (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آه?? ته مرحومه فوزيه وهاب غيرمعمولي صلاحيتون رکندڙ سياستدان، پروقار شخصيت جي مالڪ ۽ ثابت قدم ا??وا?? هئي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري پارٽي جي اهم عورت ا??وا?? مرحومه فوزيه وهاب کي ان جي 11 هين ورسيءَ تي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. هن چيو ته فوزيه وهاب جي پارٽي جي لاءِ خدمتون ڊگھيون ۽ ش??ند??ر آهن ۽ هو قيادت ۽ جيالن جي دلين ۾ سدائين زندهه رهندي. هن دعا ڪئ?? ته الله تعاليٰ مرحومه جي مغفرت فرمائي ۽ ان جا درج?? بلند فرمائي.