اسلام آباد-14 جون (اي پي پي)نيشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ قومي مون سون ڪوآرڊينيشن ڪانفرنس جي ??دارت ڪئي ۽ ڪانفرنس لاءِ بحث هيٺ شعبن جو خاڪو پيش ڪيو. ڪانفرنس جو مقصد سمورن ڌُرين وچ ۾ هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ ۽ مون سون جي ??ياريءَ جي قدمن جو جائزو وٺڻ هو. چيئرمين ارسا ۽ موسمياتي تبديليءَ واري وزارت، ڊزاسٽر مئنجمينٽ جي ??دارن، ايمرجنسي سروسز، موسميات کاتي، سپارڪو، اين ايڇ اي، هٿياربند فوج، سي ڊي اي/آءِ سي ٽي، پي ايڇ ايف، اين ايڇ ايفن، ايف ڊبليو او، ايمرجنسي ريسپانس ايجنسين ۽ يو اين او، يو اين ڊي پي ۽ ڊبليو ايڇ ايڇ جي نمائندن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. چيئرمين گذريل 22ع جي ٻوڏ جي ??جربن مان سکي ڪري تياريءَ جي ??هميت، وقتائتي تربيتي ۽ مون سون جي هنگامي صورتحال لاءِ اسٽاڪ پوزيشنز جو جائزو وٺڻ جي ??رورت تي زور ڀريو. هن عام ماڻهن، ان??ان?? حقن جي ??نظيمن ۽ـ لاڳاپيل کاتن لاءِ ٺوس مشورا ۽ رهنمائيءَ جا ڪتابڙا جاري ڪر?? جي هدايت ڪئي. هن چيو ته آفتن جي ??ثرن کي گهٽائڻ لاءِ فعال قدم ضروري آهن ۽ـ آفتن جي ??ملن کان اڳ ٺوس قدم کڻڻ تي زور ڀريو. موسيمات کاتي ايندڙ 3 مهينن جي موسمي حالتن بابت بريفنگ ڏني وئي ۽ اڳواٽ اڳڪٿي ڪيل 2023ع جي گرميءَ جي موسم ۾ شديد موسمي واقعن جو امڪان آهي، جنهن سان درياهن ۾ چاڙهه، اوچتو ٻوڏ، لينڊ سلائيڊنگ ۽ شهري ٻوڏ جو سبب بڻجي سگهن ٿا. آبادگارن ۽ هارين کي انهن واقعن لاءِ تيار رهڻ گهرجي ۽ ان تحت ئي رٿابندي ڪر?? گهرجي. ارسا چيئرمين آبي ذخيرن جي ??ورتحال بابت آگاهي ڏني. ڊزاسٽر مئنجمينٽ جي ??وبائي ۽ علائقائي ادارن مون سون جي هنگامي صورتحال لاءِ عوامي جاڳرتا مهم ۽ فرضي مشقن جا تفصيل پيش ڪيا. اين ڊي ايم اي چيئرمين صوبائي اختيارين کي هدايت ڪئي ته مقامي اين جي ??وز ۽ امدادي تنظيمن سان هم آهنگي پيدا ڪري، مقامي آباديءَ تائين وڌ کان وڌ رسائيءَ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ موسميات کاتي جي ??ڳڪٿيءَ موجب وسيلن کي ڪتب آڻڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.