اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي)وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 24-2023ع لاءِ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام تحت نوجوانن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ زر??ي ٽيوب ويلز کي شمسي توانائيءَ تي منتقل ڪرڻ لاءِ وزيراعظم جي قدمن تحت 9 منصوبن لاءِ 80 ارب ر??يا رکيا ويا آهن. جاري ڪيل پي ايس ڊي پي مطابق ننڍن قرضن لاءِ وزيراعظم يوٿ پروگرام لاءِ 10 ارب ر??يا، وزيراعظم يوٿ اسڪلز پروگرام لاءِ 5 ارب ر??يا ۽ پاڪستان ايجوڪيشن فنڊ لاءِ 5 ارب ر??پا، وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم لاءِ 10 ارب ر??يا، آءِ ٽي اسٽارٽ اپس اينڊ وينچر ڪيپيٽل لاءِ وزيراعظم جي سهڪار وارن قدم لاءِ 5 ارب ر??يا، وزيراعظم جي راندين لاءِ قدمن لاءِ 5 ارب ر??يا، وزيراعظم انيشيٽو فار گرين ريووليشن لاءِ 5 ارب ر??پا، وزيراعظم جو عورتن کي بااختيار بڻائڻ وارن قدم لاءِ 5 ارب ر??يا، ملڪ ۾ زر??ي ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ لاءِ وزيراعظم جي قومي پيداوار لاءِ 30 ارب ر??يا رکيا ويا آهن.