اسلام آباد -11 مئي (اي پي پي) قومي ا??يمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف سان پاڪستان جي آئين جي گولڊن جوبلي جي مناسبت سان منعقد عالمي آئيني ڪنوينشن ۾ شريڪ ايران، ڪرغزستان ۽ لبنان جي پارلياماني وفدن پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن ۾ خطي جي ملڪن کي درپيش علائقائي ۽ عالمي چئلينجز، گولڊن جوبلي جي عالمي ڪنوينشن سميت گڏيل ??لچ??پي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر آئين جي گولڊن جوبلي جي تقريب جي سلسلي ۾ قومي ا??يمبلي سيڪريٽريٽ جي اهتمام هيٺ عالمي آئيني ڪنوينشن ۾ شرڪت تي عالمي نمائندن جو ٿورو ادا ڪيو. اسپيڪر چيو ته پاڪستان ۽ ڪرغزستان سان ٻطرفن لاڳاپا اهميت وارا آهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي جمهوريت ۽ سماجي ڀلائي جي گڏيل قدرن جي بنيادن تي هموار آهن، اسپيڪر آئين جي گولڊن جوبلي تقريبن ۾ جمهوريه ڪرغزستان جي شرڪت کي ساراهيو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪرغزستان جي صدر ايندڙ دوري جو پرجوشطور تي منتظر آهي، جنهن ??ان ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا خاص طو رتي توانائي ۽ مواصلات جي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ملندي. ايراني پارلياماني وفد پارلياماني جي قومي سلامتي ۽ پرڏيهي پ??لي??ي ڪميٽي جي چيئرمين وحيد جلال زاده ميمبر پارليامينٽ جي قيادت ۾ قومي ا??يمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف سان به ملاقات ڪئي. قومي ا??يمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته ايراني هڪ بهادر قوم آهي جنهن ??ازن چئلينجن جو بهادري سان مقابلو ڪيو ۽ اتحاد ۽ اتفاق سان انهن چئلينجن جو مقابلو ڪيو. هن ??ئين جي گولڊن جوبلي تقريب جي موقعي تي قرآن پاڪ جي نادر نسخن جي نمائش جي ڪامياب منعقد ڪرائڻ تي ايراني سفارتخاني جو ٿورو به مڃيو. هن چيو ته ايران – سعودي عرب لاڳاپن جي بحالي کي پوري خطي لاءِ مثب اڳڀرائي قرار ڏنو ويو. وحيد جلال الدين ٿورن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ايران پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، قومي ا??يمبلي جي اسپيڪر ايراني دوري جي دعوت کي گرمجوشي سان قبول ڪيو، هن مختلف شعبن، توانائي، مواصلات ۽ مذهبي سياحت کي هٿي ڏيڻ ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، هن ??ن ڳالهه تي زور ڀريو ته علائقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ اجتماعي ڪوششون اڻٽر آهن. لبنان جي قومي ا??يمبلي جي ميمبر قاسم هاشم عالمي آئيني ڪنونشن جي موقعي تي پاڪستان جي قومي ا??يمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف سان ملاقات ڪئي، اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته پارلياماني سفارتڪاري ترقي پسند ۽ متحرڪ جمهوريت جو اهم عنصر آهي ۽ ان لاءِ ٻنهي ڌرين وچ ۾ پارلياماني رابطن کي هٿي ڏيڻ ضروري آهي. ان موقعي تي انجنيئر صابر حسين قائمخاني به موجود هو.