اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن وارو مملڪتي وزير مسگانواريگا 9 کان 11 مئي تي هڪ وفد جي قيادت ڪندي پاڪستان جو دورو ڪندو. پرڏيهي افيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وفد ۾ سائنس ۽ واپار وارو مملڪتي وزير ۽ ڪاروباري برادري جا ميمبر شامل هو??دا. دوري دور??ن اسلام آباد ۾ ايٿوپيا جي سفارتخاني جو افتتاح ۽ ايٿوپيا جي ايئر لائينز پاران ڪراچي ۽ اديس ابابا جي وچ ?? سڌوسنئون اڏامن جو افتتاح شامل آهي. ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن وارو وزير ۽ پاڪستان جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر اسلام آباد ۾ ايٿوپيا جي سفارتخاني جو افتتاح ڪ??دا. سنڌ جو وڏو وزير ۽ ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن وارو مملڪتي وزير ايٿوپيا ايئر لائينز جي سڌوسنئون فلائيٽ آپريشن جو افتتاح ڪ??دا. دوري دوران ڌريون گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي ٻطرفن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون جنهن ۾ واپار ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تعاون به شامل آهي. اميد آهي ته ا??ٿوپيا جي وفد جي دوري س??ن ايٿوپيا ۽ پاڪستان جي وچ ?? دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ملندي.