??سل??م آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو ??هي ته ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير مسگانو اريگا پاڪستان جي سرڪاري دوري تي ??سل??م آباد ۾ آهي. دوري دوران پاڪستان ۽ ايٿوپيا سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، واپار ۽ تعاون تي ڌيان ڇڪرائڻ سان گڏوگڏ گ??يل دلچسپي ??ي ڪيترن ئي ٻطرفن معاملن تي ??ال??ه ٻولهه ڪندا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ??ه ايٿوپيا جو پرڏيهي معاملن وارو مملڪتي وزير اڱاري ڏينهن پاڪستان پهتو هو. پاڪستان اچڻ کانپوءِ هن پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي. هو خميس ڏينهن پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان ملاقات ڪندو ۽ ايٿوپيا جي سفارتخاني جي افتتاحي تقريب ۾ به شريڪ ٿيندو. ترجمان چيو ??ه ٻئي ملڪ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، واپار ۽ گ??يل دلچسپي ??ي ٻين ٻطرفن معاملن تي ??ال??ه ٻولهه ڪندا. هن چيو ??ه ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير جي دوري جي موقعي تي ڪراچي ۽ اديس ابابا جي وچ ۾ ايٿوپين ايئرلائينز جي پهرين سڌوسنئون اڏام جي به شروعات ڪئي وئي آهي. هن چيو ??ه وفد ۾ ايٿوپيا جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ علائقائي يڪجهي جا مملڪتي وزير ۽ ڪاروباري برادري جا ميمبر شامل آهن.