اسلام آباد – 12– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مري?? اورنگزيب چيو آهي ته د??شت ۽ تشدد وارا منظر ٽي وي تي نه هلائڻ جي ضابطه اخلاق ??ابت پيمرا آرڊر تي ڪجهه خدشا سامهون آيا آ??ن، ان آرڊر ۾ دهشتگردي، ان کانپوءِ جا منظر، لاش، تباهي نه ڏيکارڻ جو چيو ويو آهي، ان حڪم جو بنيادي مقصد عوام کي خوف ۽ د??شت کان بچائڻ آهي، دهشتگردن جو اصل مقصد ۽ هدف عوام ۾ خوف ۽ هراس پکيڙڻ ئي هوندو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير مري?? اورنگزيب چيو ته سڄي دنيا ۾ اهي حدون مقرر آ??ن، هر ذميوار ادارو ۽ آرگنائيزيشن ان جي پاسداري ڪري ٿو، دهشتگردي جي ڪاررواين جي ڪوريج جو هڪ عالمي ضابطو آهي، اهو ملڪي قانون جو حصو آهي، پوري دنيا ۾ انهن ضابطن تي بنا ڇوٽ عمل ٿئي ٿو. هن چيو ته دهشتگردي جي واقعن جي سڌوسنئون نشريات ڏيکارڻ سان دهشتگردن کي پڻ مدد ملي ٿي، آپريشن کانپوءِ جي حساس معلومات پڻ شرپسندن کي ملي وڃي ٿي. هن چيو ته اظهار جي آزادي جي حق کي مقدس سم??هو?? ٿا، ان حق جي لاءِ اسان سدائين جدوجهد ڪئي آهي، اظهار راءِ جي آزادي تي ٺاهه نه ڪندي قانونن تي عمل ڪنداسين.