اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) پاران ملازمه کي رهائشي ڪوارٽر جي ??لاٽمينٽ ۾ صنفي امتياز ڪرڻ تي ڪ??وڙ جو اظهار ڪندي وفاقي محتسب جي ??ڪمن جي ??لاف سي ڊي اي جي ??رخواست رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته معاشري ۾ عورتن سان امتيازي سلوڪ رکي پاڪستان ترقي نه ٿو ڪري سگهي، سي ڊي اي پاران هڪ جهڙي ڪم تي مرد کي گهر ڏيڻ ۽ عورت کي گهر نه ڏيڻ جو موقف افسوسناڪ آهي، مرد کي گهر الاٽ ڪرڻ جڏهن ته عورت کي الاٽ نه ڪرڻ انتهائي امتيازي سلوڪ آهي. هن سي ڊي اي کي هدايت ڪئي ته هو صنفي امتياز کي فروغ ڏيندڙ پنهنجي قانونن کي بهتر بڻائي، صنفي امتياز پاڪستان جي ??انين، اسلام جي منصفاڻي طرزعمل ۽ آئين جي ??وح جي ??لاف آهي، سي ڊي اي وفاقي محتسب جي ??ڪمن تي عمل ڪري ۽ عورت ??ي شڪايت جو ازالو ڪيو وڃي. صدر ملازمه کي ڪوارٽر الاٽ ڪرڻ جو وفاقي محتسب جو حڪم برقرار رکندي چيو ته سي ڊي اي ملازمه (ڌوٻڻ) سان امتيازي سلوڪ ڪيو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جيڪڏهن ضرورت هجي ??ه وڌيڪ وقت ضايع ڪرڻ کانسواءِ مجاز اٿارٽي/ فورم کان منظوري ورتي وڃي. تفصيل موجب سي ڊي اي پاران رڳو مرد ڌوٻين کي رهائشي ڪوارٽرز الاٽ ڪيا پئي ويا. شهناز بيگم (شڪايت ڪندڙ) جو مرحوم گهروارو سي ڊي اي سان واڳيل ڌوٻي هو، مرحوم مڙس ڌوٻي ڪوارٽر جي ??لاٽمينٽ جي لاءِ سي ڊي اي کي درخواست ڏني هئي، گهرواري جي لاڏاڻي کانپوءِ بيواهه سي ڊي اي ۾ ڌوٻڻ جي ??يثيت سان شموليت اختيار ڪئي، عورت ??ي ڊي اي کي ڪوارٽر الاٽ ڪرڻ جي ??رخواست ڪئي جڏهن ته سي ڊي اي ڪوارٽر سنيارٽي لسٽ ۾ موجود جونيئر ٻئي ملازم کي ڏئي ڇڏيو جنهن تي عورت وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو، جنهن سي ڊي اي جي ??متيازي سلوڪ کي بدانتظامي قرار ڏنو. وفاقي محتسب عورت کي گهر جو الاٽمينٽ آرڊر جاري ڪ??ڻ ۽ 30 ڏينهن ۾ تعميل جي ??پورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي جڏهن ته ان جي ??بتڙ سي ڊي اي محتسب جي ??ڪمن جي ??لاف صدر کي درخواست ڪئي. سي ڊي اي موقف اختيار ڪيو ته شروع کان ئي اها رهائش سي ڊي جي مرد ملازمن (ڌوٻين) کي الاٽ ڪئي ويندي آهي، رهائش ڪڏهن ڪنهن عورت (ڌوٻڻ) کي الاٽ نه ڪئي وئي، سي ڊي اي جو چوڻ آهي ته ڌوٻي جي ??عريف هڪ بالغ مرد ڪم ڪندڙ ڌوٻي طور ڪئي وئي آهي، ڌوٻي جي ??شتيدارن جو مطلب رت ??ا رشتا يعني پيءَ، ڀاءُ ۽ پٽ آهن، رڪارڊ جو جائزو وٺڻ تي خبر پئي ته سي ڊي اي سال 2000ع ۾ هڪ ڌوٻڻ کي هڪ ڪوارٽر جي ??لاٽمينٽ ڪئي هئي. صدر حقيقتن ۽ امتيازي سلوڪ جي ??نياد تي سي ڊي اي جي ??رخواست کي رد ڪري ڇڏيو.