اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف اسلام آباد جو نالو تجويز ڪندڙ قاضي عبدالرحمان امرتسري جي خدمتن جو قومي سطح تي اعتراف ڪيو ??هي ۽ پاڪستان جي لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ پاڪستان حڪومت جو ان سان ڪيل واعدو پورو ڪندي سي ڊي اي جي تجويز تي ان جي وارثن کي پارڪ انڪليو ??سلام آباد ۾ پلاٽ جو الاٽمينٽ ليٽر پيش ڪري ڇڏيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز ??ريف چيو ??ه قاضي عبدالرحمان امرتسري جي پاڪستان جي لاءِ خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن، اهڙيون قومون ڪڏهن ترقي ناهن ڪنديون جيڪي پنهنجي محسنن کي وساري ڇڏين. هن چيو ??ه اسلام آباد کي اسلام آباد جي سڃاڻپ ڏيندڙ اسڪول ٽيچر قاضي عبدالرحمان امرتسري کي قوم خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. وزيراعظم سي ڊي اي عم??دارن کي ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ باقي رهيل ڪارروائي مڪمل ڪري وارثن کي پلاٽ جو قبضو فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. وزيراعظم ميڊيا خاص طور تي حامد مير کي ان ڳالهه جي نشاندهي ڪرڻ تي ساراهيو. وزيراعظم سي ڊي اي چيئرمين نورالامين مينگل جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو.