اسلام آباد – 17 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي جرمن هم منصب اينالينائبير بوڪ سان ملبادشاہ/122362.html">اقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي جرمني جي حڪومت جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سٽيلن جي وقت سر ۽ ڀرپور مدد تي جرمني جا ٿورائتا آهيون. پاڪستان ۽ جرمني جي پرڏيهي وزيرن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ توانائي، واپار، هنرمند ماڻهن جي چرپر، خوراڪ جي تحفظ ۽ ماحولياتي تبديلي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.