اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ۽ مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي خميس ڏينهن ايبٽ آباد ۾ ٿيندڙ تنظيمي ڪنوينشن کي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز خطاب ڪندي. پنهنجي بيان ۾ و??اقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته مريم نواز خميس تي ايبٽ آباد ۾ تنظيمي اجلاس جي صدرات به ڪن??ي. ??جلاس ۾ پارٽي جا تنظيمي م??ام??ا غور هيٺ ايندا، جنهن ۾ پارٽي کي فعال ڪرڻ، تنظيمي ڍانچي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي وڌيڪ مشاورت ٿيندي. مريم نواز پارٽي عهديدارن ?? ڪارڪنن سان ملاقاتون ڪندي. مريم نواز ان کان اڳ بهاولپور ڊويزن جو دورو ڪري چڪي آهي.