اسلام آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 8 ڀيرا عالمي چي??پيئن ۽ 6 ڀيرا برٽش اوپن چي??پئن جو اعزاز حاصل ڪندڙ جان شير خان کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چي?? آهي ته توهان پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي، پوري قوم کي توهان تي فخر آهي، ملڪ ۾ اسڪوائش جي راند کي مقبول بڻائڻ ۽ ان راند جي فروغ جي ل??ءِ توهان جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن، نوجوانن کي راندين جا ميدان ۽ اسپورٽس جي بهترين سهولتن جي فراهمي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن اسڪوائش جي ناليواري رانديگر ۽ اڳوڻي عالمي چي??يئن ج??ن سير خ??ن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم جان شير خان کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چي?? ته توهان ۽ توهان جي خاندان پنهنجي راند جي ذريعي پاڪستان جو نالو پوري دنيا ۾ روشن ڪيو، پوري قوم کي توهان تي فخر آهي. هن چي?? ته ملڪ ۾ اسڪوائش جي راند کي مقبول بڻائڻ ۽ ان راند جي فروغ جي ل??ءِ توهان جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم چي?? ته حڪومت ملڪ ۾ سڪوائش سميت سمور??ن راندين جي فروغ جي ل??ءِ خاطرخواهه قدم کڻي رهي آهي. هن چي?? ته نوجوانن کي راندين جا ميدان ۽ اسپورٽس جي بهترين سهولتن جي فراهمي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. اڳوڻي عالمي چي??پيئن جان شير خان وزيراعظم کي اسڪوائش جي فروغ لاءِ پنهنجي تازين سرگرمين بابت آگاهه ڪيو جن کي وزيراعظم ساراهيو. جان شير خان هن وقت اسڪوائش جي نوجوان رانديگرن کي تربيت فراهم ڪري رهيو آهي.