اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آه?? ته گڏيل عرب امارات جي دوري جو مقصد واپاري، معاشي ۽ سي??پڪاري جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراع??م چيو ته يو اي اي جي منهنجي دوري جو مقصد صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه کي اڳتي وڌائڻ آهي. هن چيو ته اسان ان عزم ۽ فهم جو ادراڪ رکون ٿا ته واپار، سي??پڪاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ مسلسل ڪوششن جي ضرورت آهي.