اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڄ??ون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي حق لاءِ حمايت جي عزم کي ورجائيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قو??ون پنهنجي واعدن تي عمل ڪري ۽ اهڙا قدم کڻي جنهن سان ڄ??ون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??را??دادن موجب خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. خودمختياري جي حق جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 5 جنوري 1949ع ۾ گڏيل قومن جي ڀارت ۽ پاڪستان بابت ڪميشن (يو اين سي آءِ پي) متفقه طور تي گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم ذريعي ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي حمايت جي ??را??داد منظور ڪئي هئي. هن چيو ته خودمختياري جو حق عالمي قانون جو هڪ بنيادي اصول آهي جنهن کي عالمي انساني حقن جي دستاويزن ۾ بر??را?? رکيو ويو آهي، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي خودمختياري جي حق بابت پنهنجي سال??ان?? ??را??داد ۾ ان جي توثيق ڪئي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته هي ڏينهن عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن کي ڄ??ون ۽ ڪشمير جي عوام جي عزم جي احترام جي ضرورت کي اجاگر ڪري ٿو. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄ??ون ۽ ڪشمير تي ڀارتي قبضي جا گذريل 75 سال ڪشميري عوام تي ظلم جي هڪ افسوسناڪ داستان آهي. هن چيو ته ڀارت ڀارت والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ دهشت جو بازار گرم ڪري رکيو آهي ۽ هن مظلوم ماڻهن کي خودمختياري جي حق جي پنهنجي نه ڇڏڻ جهڙي حق جو استعمال ڪرڻ ۽ عزت جي زندگي گذارڻ جو حق ڏيڻ کان انڪاري آهي، ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي غيرقانوني ۽ هڪطرفا قدم کنيا آهن، ڀارت ڪشميرين کي پنهنجي سرزمين ۾ هڪ بي اختيار اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ والاريل واديءَ ۾ آبادياتي ۽ سياسي تبديليون ڪري ر??يو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هي وقت آهي ته عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قو??ون پنهنجي واعدن تي عمل ڪري ۽ اهڙا قدم کڻي جنهن سان ڄ??ون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??را??دادن ۾ لکيل خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهجي، ان کي انساني حقن جي خلاف ورزين کي فوري طور تي روڪڻ ۽ والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڀارت جي قدمن کي تبديل ڪرڻ تي پڻ زور ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??را??دادن موجب آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم ذريعي ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي حمايت جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ، ڪشميري جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين اسان جي ڀرپور، ثابت قدم اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رهندي.