خيرپور – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي ??ڪو??ت سنڌ جي ٻوڏ متاثرين کي اڪيلو نه ڇڏيندي ۽ انهن جي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ قدم جاري رهندا، ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ملندڙ عطيا شفاف طريقي سان خرچ ڪيا ويندا، ٻوڏ متاثرين کي گهر تعمير ڪري ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻوڏ متاثر ضلعي خيرپور جي تعلقي ڪوٽڏيجي ۽ پير ڳوٺ جي دوري جي موقعي تي ٻوڏ متاثرين کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان، نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين ل??فٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ۽ صوبائي ??ڪو??ت جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثرين کي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي جاني ۽ مالي نقصان کي منهن ڏيڻو پيو اهي، ٻوڏ سان صوبي ۾ تمام گهڻي تباهي ٿي آهي، وفاقي ??ڪو??ت صوبائي ??ڪو??ت کي ڀرپور وسيلا فراهم ڪيا آهن. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت وفاقي ??ڪو??ت ٻوڏ متاثرين ۾ 70 ارب رپيا ورهايا آهن، عوام جي خدمت ۽ انهن جي ڀلائي ??ڪو??ت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته بحالي ۽ نئين سر تعمير جو ڪم ڪافي حد تائين مڪمل ٿي چڪو آهي جڏهن ت?? دادو جي پاڻي هيٺ علائقن مان پاڻي ڪڍڻ تي فوري ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ٻوڏ سان 90 لک ٻارن سميت اٽڪل 2 ڪروڙ ماڻهن کي ??ڪو??ت پاران امداد جي سخت ضرورت آهي ۽ خوراڪ ۽ دوائن جي فراهمي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اربين رپيا گ??ربل آهن. هن چيو ته عالمي سطح تي ڪاربن گئسن جي اخراج ۾ انتهائي معمولي حصو هجڻ جي باوجود پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جو مسئلو درپيش آهي. هن وزيراعظم جي فلڊ ريليف فنڊ ۾ 2 ارب 75 ڪروڙ رپين جا عطيا ڏيڻ تي سمنڊ پار پاڪستانين کي ساراهيو ۽ چيو ته اها رقم ٻوڏ متاثرين جي ڀلائي لاءِ شفاف طريقي سان خرچ ڪئي ويندي. هن ٻوڏ سٽيل ماڻهن کي يقين ڏياريو ته ??ڪو??ت انهن جي مناسب رهائش جي لاءِ گهر تعمير ڪندي. هن خيرپور ۾ ڪامسيٽس يونيورسٽي جي ڪئمپس جي قيام جو پڻ اعلان ڪيو. وزيراعظم عارضي ڪئمپن ۾ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کي ??ڪو??ت پاران فراهم ڪئي ويندڙ سهولتن بابت پُڇاڳاڇا ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف کي ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ جاري بحالي ۽ نئين سر تعمير جي منصوبن ت?? بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اڪثر ٻوڏ سٽيل علائقن مان پاڻي ڪڍيو ويو آهي ۽ بجلي جي فراهمي مڪمل طور تي بحال ٿي چڪي آهي. ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف کي اڏام دوران اين ڊي ايم اي چيئرمين ل??فٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ٻوڏ کان متاثر علائقن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. اين ڊي ايم اي چيئرمين وزيراعظم کي متاثر علائقن مان ٻوڏ واري پاڻي کي ڪڍڻ ۽ بحالي جي ڪاررواين کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم متاثر علائقن مان ٻوڏ جو پاڻي ڪڍڻ جي لاءِ قدم تيز ڪرڻ، اضافي مشينري، افرادي قوت ۽ وسيلا استعمال ۾ آڻڻ ۽ سرديءَ جي اچڻ جي ڪري متاثرين جي بحالي جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم اين ڊي ايم اي ۽ ٻين ادارن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ چيو ته صوبائي ??ڪو??تن ۽ ادارن جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڏينهن رات جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم چيو ته هي هڪ قومي خدمت آهي، قومي خدمت ??ي جذبي سانئي ڪم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم ٻوڏ کان متاثر علائقن جو فضائي جائزو پڻ ورتو ۽ بحالي جي ڪم جو معائنو ڪيو.