لاهور – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) والاريل ڪشمير تي قبضي خلاف ڪاري ڏينهن جي حوالي سان ڊي ايس آفيس ريلوي ڊويزن لاهور ۾ هڪ ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي قيادت پاڪستان ريلوي لاهور ڊويزن جي ڊويزنل سپرنٽينڊنٽ محمد حنيف گل ڪئي. ريلي ?? ڊويزنل آفيسرن کانسواءِ ريلوي ملازمن ??ي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ريلي ?? ريلوي آفيسرن ۽ ملازمن پاران ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن جي حمايت ۾ نعريبازي ڪئي وئي ۽ ڀارت جي خلاف سخت غم ۽ غصي جو اظهار ڪيو ويو ۽ ڀارت مخالف نعرا هنيا ويا.