اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب ??ردگان سان ٽيلي فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ٻوڏ متاثرن کي انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي تي صدر ۽ ترڪيه عوام جو ثورو مڃيو جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ناتن کي سمورن شعبن ۾ وڌيڪ ترقي ڏيڻ جي عزم جو ٻنهي طرفن کان اظ??ار ڪيو. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم ترڪيه جي صدر رجب طيب ??ردگان طرفان پاڪستان لاءِ ٻوڏ فوري بعد 12 جهازن، 4 ريل گاڏين ۽ ٻن ٽرڪن ذريعي امدادي سامان جي فراهمي تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام طرفان ترڪ صدر ۽ عوام جو شڪريو ادا ڪندي ان کي ترڪيه ۽ پاڪستان وچ ۾ سچين روايتن تي ٻڌيل مثالي ناتا قرار ڏنا. هن پهرين سيپٽمبر تي ترڪيه جي صدر طرفان خير سگالي ۽ يڪجهتي طور ترڪيه جي گهرو و??ير سلمان سويلو ۽ ماحوليات واري وزير ۽ اي ايف اي ڊي جي سربراهه مرات ڪورم تي ٻڌل موڪليل وفد جي پاڪستان جي دوري تي به شڪريو ادا ڪيو. ترڪ صدر کي ٻوڏ سبب ٿيل تباهي بابت آگاهه ڪ??دي وزيراعظم ٻڌايو ته شروعاتي انگن اکرن مطابق پاڪستان جي جي ڊي پي ۾ 2 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان آهي. ٻوڏ ملڪ ۾ لکين ايڪڙ بيٺل فصل تباهه ڪ??و ۽ لکين گهر ۽ انفراسٽڪچر به تباهه ڪري ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي ان صورتحال کانپوءِ ملڪ ۾ غذائي عدم تحفظ جو فوري چئلينج درپيش آهي جڏهن ته ان سان گڏوگڏ متاثرن جي ريسڪيو ۽ بحالي جا قدم پڻ کنيا پيا وڃن. هن ترڪ صدر کي حڪومت طرفان متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرمين بابت آگاهه ڪ??و، هن خوراڪ جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ کان علاوه متاثر علائقن ۾ نئين سر تعمير ۽ بحالي لاءِ ترڪيه طرفان امداد حاصل ڪرڻ جي پنهنجي خواهش جو اظ??ار ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم سڀني شعبن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي وٺائڻ جي عزم جو و??جاءُ ڪيو.