اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ??ه وزيراعظم شهباز شريف پارٽي جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جو اهم اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي. وزيراعظم جي صدارت ۾ اجلاس اڄ ٻنپهرن جو 12 وڳي ٿيندو. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ??ه وزيراعظم قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي پارٽي ميمبرن کان ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ام??ادي ڪاررواين جو جائزو وٺ??دو. ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي جي قدمن، شڪايتن ۽ دادرسيءَ بهتر بڻائڻ تي مشاورت ٿيندي. هن چيو ??ه وزيراعظم قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي پارٽي ميمبرن کي ٻوڏ متاثرين جي ريليف جي ڪمن ۾ هٿ ونڊرائڻ جي هدايت ڪئي هئي ان ت?? عملدرآمد جو جائزو ورتو ويندو. وزيراعظم قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي پارٽي ميمبرن کي تڪ وارن ام??ادي ڪمن ت?? مامور ڪندو. اجلاس جو مقصد ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ام??ادي ڪارروائي ۾ تڪن جي سطح تي حصيداري عمل کي بهتر بڻائڻ آهي.